ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي حوالي سان ڀارت پاڪستان جي ڊوزيئر جو جواب نٿو ڏئي سگهي.ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته او آءِ سي جي ٺهرائن ۾ گڏيل طور ڀارت جي ڪشمير پاليسي رد ڪئي وئي، جڏهن ته ڀارت ۾ به ڪشمير جي پاليسي تي اتفاق راءِ ناهي رهيو، او آءِ سي جي 47هين اجلاس ۾ 57 ملڪن بابري مسجد جي شهادت جي مذمت ڪئي.هن چيو ته اڄ ڀارت دفاعي پوزيشن ۾ هليو ويو آهي، ڀارت ڪلڀوشن جو ڪيس عالمي عدالت ۾ کڻي ويو پر ان کي ناڪامي ٿي، عالمي عدالت جي فيصلي موجب ڀارت کي 2 ڀيرا قونصلر پهچ ڏني وئي، ٽيون ڀيرو ڀارت اها سهولت نه پيو وٺي.سندس چوڻ هو ته او آءِ سي اجلاس ۾ فلسطين تي واضح موقف آيو آهي، پاڪستان ۾ به اسرائيل جي حوالي سان اڳڪٿيون ٿيون پر هاڻ انهن کي دم ٽوڙي ڇڏڻ گهرجي، جڏهن ته ڀارت دهشتگردي جي حوالي سان دنيا کي پاڪستان جي ڊوزيئر جو جواب نٿو ڏئي سگهي.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي واپسي جي حوالي سان برطانوي اختيارين سان ڳالهيون ٿيون آهن، ان ڏس ۾ قانوني ڏکيائين کي حل ڪيو پيو وڃي، نواز شريف جي صحت ٺيڪ آهي، هاڻ اخلاقي طور کيس واپس اچڻ گهرجي.پي ڊي ايم بابت ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو، 2 ڀيرا دعوت ڏني وئي پر پي ڊي ايم قيادت نه آئي، ڪورونا جي صورتحال تي گهرايو ويو ته به پي ڊي ايم قيادت نه آئي، پي ڊي ايم قيادت سان اين آر او ۽ ڪرپشن جي شرطن کانسواءِ سمورن معاملن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.