ڪراچي: آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته سيوهڻ جي سانحي جي جاچ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ لشڪر جهنگوي وڌيڪ سرگرم آهي، افغانين تي ڪرڙي نظر رکي وڃي انهن مان آپگهاتي بمبار به ٿي سگهي ٿو.صحافين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته شڪارپور سانحي ۾ ملوث ماڻهو گرفتار ڪيا هئا جڏهن ته سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. دهشتگردي جو ناسور هاڻ سنڌ ۾ پکڙجي رهيو آهي، سنڌ ۾ حفيظ بروهي، لشڪر جهنگوي، داعش برمي ۽ طالبان جو نيٽ ورڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت سنڌ ۾ هڪ هزار کان درگاهون، مندر، چرچ ۽ جماعت خانا آهن، سڀني عبادتگاهن کي هڪ ئي وقت سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهجي. اسان پوري ڪوشش ڪريون پيا.