دهشتگردي جو خدشو، آءِ جي سنڌ جو ڪراچي جي ايندڙ ۽ ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم

ڪراچي (اين اين آءِ)آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه دهشتگردي جي خدشي سبب شهر جي ايندڙ ۽ ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سمورين مرڪزي مسجدن امام بارگاهن ۽ ٻين هنڌن تي سيڪيورٽي قدم انتهائي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن هن چيو ته سيڪيورٽي جي گڏيل قدمن کي انتظام سنڀاليندڙن جي تعاون سان سخت ۽ ٺوس بڻايو وڃي ۽ نماز جي شروع کان آخر تائين سموري پوليس معاملن کي واسطيدار وائرليس ڪنترول تي باقاعده نوٽ ڪرايو وڃي اي ڊي خواجه پيٽرولنگ پڪٽنگ چيڪنگ کي مسجد امام بارگاهن ۽ مختلف هنڌن جي ڀرپاسي ۾ رکڻ جي اجازت ڏيندي چيو ته صوبائي سطح تي ايڊوانس انٽيليجنس ڪليڪشن نظام کي هٿي ڏني وڃي ۽ هر قسم جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي وقت سر ريسپانس کي يقيني بڻايو وڃي. هن شڪي ماڻهن ۽ لاوارث شين جي ڪڙي نگراني کي وڌيڪ موثر بنائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ مزارن درگاهن تي سيڪيورٽي جي خدشن بابت حڪمت عملي ۽ لائحه عمل کي فول پروف بنائڻ جو حڪم به ڏنو آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي حالتن تي موثر ڪنٽرول جي ڏس ۾ سيڪيورٽي پلان ۾ 2017 جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ انٽيليجنس کي نه صرف وڌايو وڃي پر ان حوالي سان انهن علائقن تي خاص نظر رکي وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنهنجا فرض انجام ڏنا وڃن. دهشتگردي جي خدشي سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي ويئي آهي ۽ پوليس سان رينجرز جي اضافي نفري کي به مقرر ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *