دهشتگردي جا اهڙا واقعا اسان جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهن: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ لاهور ۾ سڪيورٽي حوالي سان اجلاس ٿيو، آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته دهشتگردي جا اهڙا واقعا اسان جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهن، آرمي چيف چيو ته اسان بطور قوم دهشتگردي خلاف وڙهيا آهيون، پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺي آهي، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان سڀ گڏجي وڙهيا آهيون، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته دهشتگردي جي ماسٽر مائنڊز، سهولتنڪارن جا رابطا ٽوڙڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، عوام مشڪوڪ سرگرمي جو اطلاع ڏئي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته تازي دهشتگردي ۾ پرڏيهي عنصرن جو ڪردار آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي دهشتگردي جو شڪار آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *