دهشتگرديءَ جي روڳ کي ڪيئن روڪجي؟

February 27, 2017 at 5:46 am

سيوهڻ سانحو فقط هڪ واقعو ئي نه پر هِن ڏيهه جي ماڻهن لاءِ هڪ سنيهو به هو ته اُهي گهڻ پاسائين خطري جي مُنهن ۾ آهن. انهيءَ سانحي سان اِها ڳالهه به چٽي ٿي سامهون اچي وئي آهي ته هتي جا ماڻهو امن امان جي حوالي سان پاڻ کي اعتماد جي جنهن اوچائي تي بيٺل محسوس ڪري رهيا هُئا، سا سندن ڀُل ۽ خوشفهمي هُئي. سماجي اڻبرابريءَ سنڌ اندر انتهاپسنديءَ کي ايترو اسپيس ڏنو آهي جو اُها هاڻي سماج جي رڳن ۾ سمائجڻ لڳي آهي. ڪو وقت هو سنڌ اندر سوشلسٽ ڌريون سرگرم هونديون هيون، قومپرست پڻ پنهنجي ڪوتاهين باوجود نوجوانن کي انتهاپسنديءَ ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويٺا هُئا، جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي صورت ۾ به ماڻهن لاءِ هڪ اُتساهه موجود هو، جيڪو هينئر نه رُڳو جهڪو ٿي چُڪو آهي، پر اَٺن سالن کان لاڳيتي خراب حڪمرانيءَ سببان پوين پساهن ۾ آهي. ماڻهن جو سنڌ سرڪار کان موهه ڄڻ ته ڀڄي پيو آهي، اُنهن ڄاڻي ورتو آهي ته سنڌ سرڪار جا ذميوار ماڻهو فقط پنهنجا ئي نوازڻ لاءِ اقتدار ۾ اچن ٿا، اُنهن جو عام ماڻهن سان ڪو سروڪار نه ٿو هُجي. اِها روش نه رُڳو نوڪرين جي معاملي ۾ ڏٺي وڃي ٿي پر ترقياتي ڪم به گهڻي ڀاڱي انهيءَ سوچ تحت ڪرايا وڃن ٿا. جا ڳالهه محرومين جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي، ۽ ڪنهن حد تائين انتهاپسنديءَ جي واڌ ويجهه ۾ اُنهن محرومين جو به حصو آهي. جڏهن ته قومپرست ڌريون، جيڪي ڪنهن دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جو متبادل تصور ڪيون وينديون هيون، سي پنهنجو وجود بچائڻ ۾ پوريون آهن. اُهي قومپرست اڳواڻ جيڪي عوام کي پاڻ سان سلهاڙي رکڻ جو فن ڄاڻندا هُئا، اُنهن کي يا ته غير فطري موت جي ننڊ سُمهاريو ويو يا اُنهن لاءِ ايتريون راهون تنگ ڪيون ويون جو اُهي ماڳهين سياست کان ئي ڪنارو ڪري ويا. جڏهن ته کاٻي ڌُر پڻ پنهنجو وجود وڃائي ويٺي. نه رُڳو انهيءَ صورتحال جو انتهاپسند ڌُرين فائدو کنيو، پر سنڌ ۾ آيل آفتن وقتن به انتهاپسند ڌريون سرگرم ڏٺيون ويون ۽ اِئين اُهي سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ پنهنجون جڙون پُختيون ڪري ويون آهن، جن کي اُکيڙڻ جيڪڏهن ناممڪن نه تڏهن به مشڪل ضرور آهي.
اِئين ڪونهي ته سنڌ اندر انتهاپسنديءَ جي لهر ڪو اوچتو ئي اُٿي آهي، بلڪه اُها باقاعده هڪ حڪمت عمليءَ سان پنهنجا پير پُختا ڪندي رهي، جنهن جا اثر آهستي آهستي مختلف صورتن ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا، ڪڏهن هندو نياڻين کي زبردستي اغوا ڪري مذهب بدلائڻ تي مجبور ڪيو ويو ته ڪڏهن دفنايل ڀوري ڀيل جي لاش کي قبرستان مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو. اسان تڏهن به دانهون ڪري رهيا هُئاسين ته انهيءَ رُجحان کي روڪڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪوششون ورتيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ جي ڪوششون ورتيون به ويون ته فقط ڪاغذن جي حد تائين، عملي طور ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو ويو. اُن باوجود سنڌ سرڪار جا ذميوار ماڻهو دعوائون ڪري رهيا آهن ته هُنن سماج کي بهتريءَ ڏانهن آندو آهي ۽ سنڌ خوشحال ٿي رهي آهي. سنڌ سرڪار جون اِهي دعوائون پنهنجي جاءِ تي پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو ٻُڌائين ٿيون، ڪرپشن، اقرباپروري ۽ لاقانونيت کي جيئن ڇيڪ ڇڏيو ويو، تنهن جو فائدو هڪڙو ته ڏوهاري ذهن رکندڙ ماڻهن ۽ ٻيو انتهاپسند دهشتگرد تنظيمن کي رسيو. سيوهڻ جو ئي مثال وٺجي، ست سال اڳ لڳ ڀڳ مُنو ڪروڙ يعني 84 لکن جي لاڳت سان خفيه ڪئميرائون لڳايون ويون هيون، جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ چوري ٿي ويون، جنهن جو ڪيس به داخل ڪيو ويو پر اڄ تائين اُنهن ڪئميرائن جو ڪو اتو پتو نه پئجي سگهيو، جيڪڏهن اُهي ڪئميرائون موجود هُجن ها ته هوند قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جاچ ۾ ايتري ڏکيائي پيش نه اچي ها. اُهي ڪئميرائون ڪيئن ۽ ڇو چوري ڪيون ويون، اُنهن جو پيرو کڻڻ لازمي هو، پر پوليس اُن ڪيس کي انهيءَ سڄي عرصي دوران رديءَ جي حوالي ڪري رکيو. ساڳي قسم جي روش اسان کي ٻين به ڪيترن ئي معاملن ۾ نظر اچي ٿي. ڊگريون، ڊوميسائيل توڙي شناختي ڪارڊ جيترو آسانيءَ سان سنڌ ۾ ڌارين ۽ غير قانوني آباد ماڻهن کي ملن ٿا، ايترو جلدي ته صدين کان آباد ماڻهن کي به نٿا مِلن، جنهن جو ڪارڻ فقط رشوت آهي. اسان جا پنهنجا ئي انهيءَ ڪُڌي ڌنڌي سان لڳل آهن، جيڪا نه رُڳو وطن دشمني پر عوام دشمني به آهي. ساڳيءَ ريت انتهاپسند ڌرين توڙي انهن پاران موڪليل خودڪش بمبارن کي به هتي جا مقامي ماڻهو سهولتون فراهم ڪندا رهن ٿا، جن جو ذڪر گذريل ڪجهه ڏينهن کان مسلسل اخبارن ۾ اچي رهيو آهي. جڏهن ته ڪالهه پڻ هڪ خودڪش بمبار جي حوالي سان خانپور مان خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شڪارپور ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيد خودڪش بمبار عثمان پٺاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ سندس ساٿي شڪارپور پهتل آهن، جن مان هڪڙو افغاني پٺان خانپور ويجهو پڪڙيو ويو آهي، جنهن کان پُڇا ڳاڇا هلندڙ آهي. اِنهيءَ خبر کان پوءِ شڪارپور ۽ آسپاس وارن علائقن تي خوف واري لهر ڇانيل آهي. اهڙي صورت ۾ نه رُڳو سنڌ پوليس کي چوڪس رهڻ گهرجي، پر سنڌ جي سڀني علائقن جي ماڻهن کي پڻ پنهنجي آسپاس نظر رکڻ گهرجي ته دهشتگرديءَ جي نيت سان ڪٿي ڪو اوپرو ۽ شڪي ماڻهو موجود ته نه آهي. قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان جيستائين عام ماڻهو انهيءَ روڳ کي روڪڻ لاءِ هٿ نه ونڊائيندو، تيستائين اِهو روڳ رُڪجڻ جو ناهي. تنهن ڪري سنڌ جي سڀني باشعور ماڻهو، خاص ڪري سنڌ جي قومپرست ڌُرين کي پنهنجي علائقن جي وارثيءَ لاءِ ساڳي اسپرٽ سان اڳيان اچڻ گهرجي ته جيئن موت جي سوداگرن جا سنڌ اندر ڏند کٽا ڪري سگهجن

اي پيپر