دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ اصل رڪاوٽ حڪمرانن جون غلط پاليسيون آهن: سراج الحق

لاهور (م ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الهق چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ اصل رڪاوٽ حڪمرانن جي غلط پاليسيون آهن، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ اصل رڪاوٽ حڪمرانن جون غلط پاليسيون آهن، اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاڪستان کي دهشتگرديءَ ۽ ابدامنيءَ جو تحفو ڏنو جنهن جي ڪري ملڪ کي ڳرو نقصان ۽ جاني نقصان کڻڻو پيو، سموري قوم پرويز مشرف جي غلط پاليسين جي سزا ڀوڳي رهي آهي، پرويز مشرف جي غلط پالسين جي ڪري اڄ عالم ۽ مدرسا دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين ايترا ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن جيترا 65 ۽ 71ع جي جنگين ۾ به شهيد نه ٿيا هئا، سراج الحق جو چوڻ هو ته اسالام امن ۽ وحدت جو نالو ۽ پاڪستان جي 95 سيڪڙو عوام خلافت راشده جو نظام ڏسڻ چاهي ٿو پر اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ حڪمرانن جو ڪم آهي، هن چيو ته اسان جو پهرين ڏينهن کان موقف هو ته پاڪستان کي افغانستان خلاف آمريڪا جو ساٿ نه ڏيڻ گھرجي، دشمن امت کي ورهائڻ چاهي ٿو ۽ اڄ افغانستان کان لبيا تائين پورو خطو بارود جي ور چڙهيل آهي، ان ئي دشمن اسان جي سياست ۽ تعليمي ادارن کي به يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، سراج االحق جو چوڻ هو ته 20 ڪروڙ عوام ڪرپشن جي ڪري پريشان آهي جڏهن ته حڪمران ملڪي دولت لُٽي پرڏيهه منتقل ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن 5 کان 6 هزار ماڻهون جيلن ۾ وڃن ته ملڪ جو مستقبل روشن ٿي سگھي ٿو.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *