دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ دوست ملڪن کي تربيت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف

 راولپنڊي( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج دوست ملڪن جي دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تربيلا ۾ ايس اس جي جي تربيتي مرڪز جو دورو ڪيو. ترجمان موجب آرمي چيف ٽريننگ ايريا ۾ تربياتي معيار جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج کي دهشتگرديءَ خلاف آپريشنز جو وسيع تجربو آهي. هن چيو ته دهشتگردي  کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي طور جدوجهد ڪرڻي پوندي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ وسيع تجربو رکندڙ فورس آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *