دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي: وزيراعظم

لاهور (م ڊ)  وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سڪيورٽي بابت اهم اجلاس، اجلاس ۾ گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي ٻاهرين ٿيل ڌماڪي کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي، اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف کي آپگهاتي ڌماڪي بابت شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب ۽ ٻيا عملدار شامل آهن. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، امن امان تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ٿيندو، وزيراعظم چيو ته اسان کي هر صورت ۾ دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻو آهي، دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سڪيورٽي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *