دنيا ۾ ڪٿي به پاناما ليڪس جي ڪارروائي ناهي ٿي: دانيال عزيز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نون ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به پاناما ليڪس جي ڪارروائي ناهي ٿي، جي آءِ ٽي طرفان قطري شهزادي جو بيان رڪارڊ نه ڪرڻ تي سندن خدشا وڌي ويا آهن،  اليڪشن ڪميشن هر وقت عمران خان کي مهلت ڏئي پئي ڇا عدالتون ۽ جي آءِ ٽي رڳو نواز شريف لاءِ آهن؟، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان ٻيهر چيو ته هو مني ٽريل جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته دنيا  ۾ ڪٿي به پاناما ليڪس جي ڪارروائي ناهي ٿي، عدالت ۾ اصل ڪيس تي ڳالهه ناهي ٿي، سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي طرفان سڀ ڪجهه شفاف نموني ٿيو آهي ته پوءِ جلد نمبر 10 کي ڇو لڪايو ويو، کين ٻڌايو وڃي ڇا لڪايو پيو وڃي، دانيال عزيز جو چوڻ هو ته تاريخون ڏيڻ واران منهن هيٺ ڪري هليا ويا آهن، هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو، سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جون سموريون ڪارروايون ادارن جي خلاف آهن، عمران خان پارٽي هلائڻ لاءِ انڊيا کان پيسا وٺي ٿو، ن ليگ اڳواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن هر وقت عمران خان کي مهلت ڏئي رهي آهي،عدالتون ۽ جي آءِ ٽي رڳو نواز شريف لاءِ آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف بهانا ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ وارا هاڻي ڦاسي چڪا آهن، ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو ته عدالتون ۽ جي آءِ ٽي رڳو نواز شريف لاءِ ئي آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *