اسلام آباد( بيورو+م ڊ)دنيا ۾ هيپاٽائيٽس سي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس پاڪستان ۾ آهن.صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد چيو آهي ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جو انگ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.رپورٽ موجب هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي حوالي سان هيلٿ فائونڊيشن پاران ڪرايل سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن صورتحال اسان کي هن مرض جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.هن هيپاٽائيٽس سي کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪارروائي جي تڪڙي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، جيڪو پاڪستان جي سامهون عوامي صحت جو هڪ وڏو چئلينج آهي..هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان عمل نه ڪيو ته 2035 تائين پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جي 10 ملين کان وڌيڪ ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ سروسس جي 5 لک کان وڌيڪ ڪيس، جگر جي ڪينسر جا هڪ لک کان وڌيڪ ڪيس ۽ هيپاٽائٽس سي سان هڪ لک 30 هزار ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويند.ا. هن چيو ته بيماري جي معاشي اثر سبب هر سال 25 ڪروڙ 50 لک ڊالرکان وڌيڪ جو نقصان ٿيندو. ڊاڪٽر مختيار احمد نشاندهي ڪئي. ته 2021 تائين ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس سي جي صرف 16 سيڪڙو مريض جو علاج ڪري سگهجي پيو، جنهن ۾ مرض جي ظاهر ٿيڻ ۽ علاج تائين رسائي هڪ وڏو چئلينج آهي.
-
سيالڪوٽ ۾ ڀاءُ جي شادي دوران ڀائرن پاران نوٽن جي برسات، وڊيو وائرل
سيالڪوٽ (م ڊ )سيالڪوٽ جي علائقي سمبڙيال ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني جي شادي ۾ پاڪستاني ۽ غير ملڪي ڪرنسي جي برسات ڪئي وئي.جڏهن ڄڃ ڳوٺ مان روانو ٿيو ته گهوٽ جي ڀائرن ۽ دوستن نوٽن جي برسات ڪئي جڏهن ڄڃ شادي هال تائين پهتو ته ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي گهور ڪئي وئي.گهوٽ متان گهور هڻڻ لاءِ شادي هال ۾ هڪ ڪنٽينر جو خاص بندوبست ڪيو ويو هو. اٽلي کان آيل گھوٽ ۽ اسپين ۽ ڪينيڊا مان آيل گھوٽ جي ڀائرن مٿس نوٽن جي برسات ڪئي،