حيدر آباد (اين اين آءِ) طب جي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ستر لک ماڻهون ذيابطيس ۾ مبتلا آهن جنهن جو سبب واڪ نه ڪرڻ ۽ ٽائيم تي خوراڪ نه کائڻ سميت فاسٽ فوڊ ۽ سوفٽ ڊرنڪ جو گھڻو استعمال آهي ذيابطيس جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ميڊيسن جي پروفيسر عمران علي شيخ ۽ ٻين ماهرن ذيابطيس جي حوالي سان انگ اکر بيان ڪيا ۽ احتياطي ڏس به واضع ڪيا، هن چيو ته 1998 جي نيشنل ڊائيبٽڪ سروي موجب سنڌ صوبي جي ٻهراڙين جي 11.9 سيڪڙو جڏهن ته 13 سيڪڙو شهري آبادي شگر جي مريضن جي هئي ۽ 2017 جي آگست جي مهيني ۾ ڪيل سروي موجب سنڌ جي 26 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ذيابطيس ۾ مبتلا آهي سروي موجب پاڪستان جي هانوڪي آبادي ۾ ستر لک شهري اهڙا آهن جيڪي ان مرض ۾ مبتلا آهن جنهن جو سبب فاسٽ فوڊ ۽ سافٽ ڊرنڪ جو گھڻو استعمال ۽ ورزش نه ڪرڻ سميت وقت تي کاڌو نه کائنڻ آهي. ماهرن جي مطابق 125 ايم ايل جي هڪ سافٽ ڊرنڪ ۾ کنڊ جا چار چمچ هوندا آهن جڏهن ته هڪ برگر ۾ 380 ڪيلريز ۽ ننڍي چپاتي ۾ سٺ ۽ وچولي ۾ 80 ڪيلريز موجود هونديون آهن تنهن ڪري اسان وٽ هتي جيڪي ڳري ڪيلريز وارا برگر ۽ سافٽ ڊرنڪ جو استعمال ذيابطيس ٿيڻ جا خاص سبب آهن هن چيو ته ان کان بچڻ جي لاءِ گھٽ سافٽ ڊرنڪ ۽ باربي ڪيو شين جو اسعمال روڪڻون پوندو ۽ هر روز کاڌي کان اڳ ويهه منٽ تيز واڪ ڪرڻ گھرجي.