جينيوا(م ڊ) وزير اعظم عمران خان جينيوا ۾ پناهه گيرن جي پهرين عالمي فورم کان خطاب ڪندي چيو آهي ته بي وس ۽ بي وسيلا پناهه گيرن جي مسئلن جو امير ملڪ ادراڪ نٿو ڪري سگهي، دنيا ۾ اهڙين حالتن جو خاتمو ڪرڻو پوندو جنهن سان ماڻهو مهاجر بڻجندا آهن.سوئٽزرلينڊ جي شهر جينيوا ۾ پناهه گيرن جي پهرين عالمي فورم جو آغاز ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت وزير اعظم ڪئي.وزير اعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پهرين ريفيوجي گلوبل فورم جي شروعات تي خوشي ٿي آهي ۽ آئون دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهاجرن جي ميزباني ڪرڻ تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.سرڪاري خابرو اداري موجب وزير اعظم عمران خان گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ تڪراري شهري بل جي منظوري جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته دنيا ڄاڻي ڇڏي ته ڀارت ۾ پناهه گيرن جو هڪ وڏو بحران جنم وٺي رهيو آهي، 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير جو 80 لک عوام محصور آهي، ڄاڻي وٺو ته مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.