دنيا ۽ 21هين صديءَ جو دجال
January 31, 2017 at 11:33 pmمسلم ميراڻي
جيئن ئي ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر جي ڪرسي تي ويٺو آهي ته پوري دنيا ۾ فتني ۽ فسادن جي نئين لهر شروع ٿي وئي آهي. خاص طور تي مسلمان مملڪن ۾ايئين لڳي رهيو آهي ڃڻ دجال دنيا ۾ پهچي ويو آهي. پوري دنيا ۾ ٽرمپ جي خلاف احتجاج، جلسا ۽ جلوس باهه وانگر پکهڙجي رهيا آهن. عالمي تجزيا ڪارن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جي فيصلن جي خلاف احتجاج پوري دنيا ۾ پکڙبا ۽ مذهبي جنونيت ۾ به پڻ اضافو ٿيندو ۽ گڏوگڏ آمريڪا دنيا ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڃائي وهندو. چيو وڃي ٿو ته جيئن صدر ٽرمپ جي پناهگيرن جي حوالي سان جاري صدارتي پهرئين فيصلي کي آمريڪي عدالت روڪيو آهي،ائين ئي صدر ٽرمپ جي فسادي فيصلن کي آمريڪا سان گڏ پوري دنيا ۾ رد ڪيو ويندو. هن وقت پوري دنيا سڪتي جو شڪار آهي ته آخر ٿيندو ڇا؟ لڳي ايئين رهيو آهي ته صدر ٽرمپ ڌارين کي آمريڪا مان نيڪا لي ڏئي ڪري آمريڪي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ چاهي ٿو ته جيئن هو اليڪشن ۾ ڪيل پنهنجا واعد پورا ڪري سگھي. هاڻي اچون ٿا آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ تي ته ڇا اها ماضي وانگر عراق، افغانستان ۾ فوجي اثر رکڻ ۽ چين سان روڪ ٽوڪ ڪرڻ ۽ روس کي مشغول رکڻ واري پاليسي جاري رهندي يا وري سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيندو؟ ۽ رڳو آمريڪا جي نظر دنيا جي پيداوار تي هوندي، فساد ، نفرتن ۽ جنونيت جي نئين تاريخ لکي ويندي؟ سڀ کان پهريان وچ اوڀر (Middle East) جي رياستن جي حالتن تي نظر وڌي وڃي ته عراق ۽ شام ۾ داعش جو وڌنڌڙ غلبو موجود آهي ۽ شام جي صورتحال تي لڳي ٿو ته صدر ٽرمپ صدر اوباما واري حڪمت عملي هلائيندو ۽ پنهنجا فوجي ميدان ۾نه لاهيندو ۽ اڳتي وڌنڌو ۽ ميدان کي شامي صدربشارلاسد ۽ روسي صدر پوٽن جو حوالي ڪندو. باقي رهيو لبيا ته اتي لڳي ٿو ته صدر ٽرمپ جي فيصلي ۾تبديلي ايندي. ڇو جو سڀ کان وڌيڪ فوج ۽ پئسو اتي آمريڪا جو لڳي رهيو آهي. ان ڪري هاڻي آمريڪا ان مورچي کي يورپين ملڪن جي حوالي ڪندو ته توهان ڄاڻو توهان جو ڪم.
فلسطين ۽ اسرائيل تڪرار جي حوالي سان ٽرمپ اسرائيلي جنونيت کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ ويچارا فلسطيني وڌيڪ ظلم ۽ ستم جو شڪار ٿيندا. باقي روس ۽ آمريڪا جي وچ ۾ حڪمت عمليءَ ۾تبديلي اچڻ جو گھڻو امڪان آهي ۽ لڳي ٿو ته اها بزنس ڊيل ضرور ٿيندي پر آرٽڪ ڊائون جي مالڪي تي جھيڙو پڻ ٿي سگھي ٿي. اهو چئي سگھجي ٿو ته روسي صدر پوٽن ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي وچ ۾ هني مون گھڻو عرصو نه هلي سگھندو۽ نئون تڪرار شروع ٿيندو.
يورپ سان لاڳاپن جي حوالي سان به صدر ٽرمپ جي حڪمت عمليءَ ۾ تبديلي ايندي. ڇو جو صدر ٽرمپ کي يورپين حڪمران ۽ ماڻهون سٺي نظر سان نه ڏسي رهيا آهن. ٻئي طرف پوئين سال ۾ ۲۸ نيٽو ملڪن ۾ رڳو ۵ ملڪن پهنجي جي اين پي جو ۲ سيڪڙو دفاع جي لاءِ ڏنو آهي. باقي ۷۳ سيڪڙو خرچ آمريڪا برداشت ڪري رهيو آهي. ان جي ڪري لڳي ٿو ته اها پاليسي ضرور تبديل ٿيندي ۽ يورپ کي پهنجي دفاع لاءِ پاڻ خرچ ڪرڻو پوندو ۽ مفادن جو هي تڪرار ضرور ٿيڻو آهي. آخر ۾ وارو اچي ٿو، چين جو ان لاءِ مشهور آهي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر رچرڊ نيڪسن جي حڪمت عمليءَ کي هر آمريڪي صدر جاري رکيو اچي ٿو.
صدر اوباما صدر نيڪسن واري ساڳي حڪمت عمليءَ جاري رکي، پر چيو وڃي ٿو ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر ٽرمپ جو لهجو ۽ لفظ چين جي حوالي سان ته سخت آهن، پر ان جي باوجود صدر ٽرمپ جي چين پاليسي ۾ تبديلي جي اميد آهي. آمريڪا جون فوجون ته ايشيا ۾ موجود هونديون پر صدر ٽرمپ ۽ چين جي وچم لاڳاپن ۾اضافو ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ معيشت ۽ واپار جي ميدان ۾ ٻئي ملڪ نوان رڪارڊ قائم ڪندا. ڇو جو صدر ٽرمپ جو مقصد واپار، پيداوار ۽ سيڙپ ڪاري آهي. باقي رهيو ايران سان ٽڪراءَ جي شروعات بيانن سان ٿي چڪي آهي لڳي ٿو ته ايران ۽ آمريڪا لاڳاپا گرم رهندا ۽ پاڪستان به ڪنهن نيڪي جي اميد نه رکي. جڏهن ته ڀارت جو مودي به جنوني ته ٽرمپ به جنوني. ڀارت ۽ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مظبوط ٿيندا. ڇو جو ٽرمپ پهنجي شروعات ۲۱ صدي جي دجال وانگي ڪئي آهي ۽ هڪ جنونيت پسند واپاري مان اها ئي اميد ڪري سگهجي ٿي ته ان جا لاڳاپا رڳو ۽ رڳو واپار ۽ مذهب جي بنياد تي هوندا اتي انسانيت، رواداري ۽ محبت جي لاءِ ڪابه جڳهه نه هوندي.
lamomirani@gmail.com