دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته وزيراعظم مَٽجي سگهي ٿو پر پاليسيون نه: شاهد خاقان عباسي

August 3, 2017 at 7:47 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

مري (م ڊ) نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته وزيراعظم مَٽجي سگهي ٿو پر حڪومت جون پاليسيون ساڳيون رهنديون. وفاقي ڪابينا لاءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ن ليگ اڳواڻن سان مشاورتي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ وزيرن لاءِ مشاورتي عمل جاري آهي، ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا حلف کڻندي. ڪابينا جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف لاهور ويندو. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي ڪابينا ۾ شموليت بابت سوال تي نئين وزيراعظم چيو ته في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ان معاملي تي صلاحون جاري آهن ۽ جلد ڪابينا حلف کڻندي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جمهوريت جي تسلسل کي چئن ڏينهن ۾ وڏي اڪثريت سان بحال ڪيو، نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته هلندڙ ترقياتي منصوبن کي وڌيڪ تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي.

اي پيپر