راولپنڊي (م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪاميابي سان وڙهيو آهي ۽ افغانستان ۾ مان لاءِ عسڪري، معاشي، سياسي توڙي سماجي قيمت ادا ڪئي، جنهن کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف چيو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪاميابي سان وڙهيو آهي، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان سڀني ملڪن کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته اسان سڀ کان وڌيڪ عسڪري، معاشي، سياسي ۽ سماجي قيمت ادا ڪئي آهي، دنيا کي ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين پر ملڪ جي عزت ۽ سلامتي سدائين پهرين ترجيح هوندي.