اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ اربع ڏينهن 4 ڪشيمرين کي شهيد ڪيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته ڀارتي فوج طرفان هڪ شهيد جي جنازي تي به فائرنگ ڪئي وئي، انهن شهادن سان شهيد ڪشميرين جو انگ 150 ٿي ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت جلدي ئي حب ڪول پاور پلانٽ جو افتتاح ڪنداسين، 11 هزار کان وڌيڪ ڪشميرين جي بينائي پيلٽ گن سبب متاثر ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس سانحي ۾ ڀارتي سرڪاري ادارن جو هٿ ثابت ٿيل آهي، دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت پاڪستان ۾دهشتگردن جي مالي سرپرستي ۾ ملوث آهي.