دنيا هندو انتهاپسندن جي هٿن ۾ موجود ڀارت جي جوهري هٿيارن جي تحفظ جو سوچي: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو)  وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته دنيا کي هندو برتري جي خواهشمند هندو انتهاپسند مودي حڪومت جي هٿن ۾ موجود ڀارت جي جوهري هٿيارن جي باري ۾ سوچڻ گهرجي.ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم عرمان خان سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ ڪشمير جي معاملي تي عالمي برادري سان لڳاتار رابطي ۾ آهي. وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي ڀارت جي هندو انتهاپسند حڪومت جي فيصلي کي لڳاتار تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي.عمران خان ٽوئيٽر تي پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته جهڙي طرح جرمني تي نازين قبضو ڪيو هو بلڪل اهڙي طرح ڀارت تي هندو برتري جي خواهشمند انتهاپسند ۽ نسل پرست نظرين جي قائل مودي حڪومت قابض آهي.وزيراعظم لکيو ته مودي حڪومت 90 لک ڪشميرين کي گذريل ٻن هفتن کان والاريل ڪشمير ۾ قيد ڪري رکيو آهي جنهن پروي دنيا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ۽ گڏيل قومن جي تبصرو ڪندڙن حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ والاريل وادي ۾ موڪليا پيا وڃن.هن اهو پڻ لکيو ته هندو برتري جي خواهشمند مودي حڪومت نه صرف پاڪستان پر ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن ۽ نهرو گانڌي جي ڀارت لاءِ به خطرو بڻجي وئي آهي، ڪوبه گوگل تي وڃي آساني سان نازي نظرين ۽ بي جي پي/آر ايس ايس جي نسل ڪش نطرين وچ ۾ هڪ جهڙائي کي سمجهي سگهي ٿو.وزيراعظم چيو ته پهريان ئي 40 لک ڀارتي مسلمان حراستي ڪيمپن ۾ قيد يا شهريت جي خاتمي کي منهن ڏئي رهيا اهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *