دنيا فلسطيني نسل ڪشي روڪرائي، اسرائيل ايران جي خود مختياري جو احترام ڪريعرب اسلامي ڪانفرنس

رياض ( م ڊ)  سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته عالمي برادري اسرائيل کي پابند بڻائي ته هو ايران جي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري.سعودي عرب ۾ غزه ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۽ لبنان جي صورتحال تي سعودي عرب ۾ ڪوٺايل گڏيل عرب اسلامي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي سعودي ولي عهد چيو ته سعودي عرب فلسطيني سرزمين سميت لبنان ۽ ايران  تي اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته هو آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪن ٿا. محمد بن سلمان چيو ته لبنان تي جاري اسرائيلي حملن سان لبنان جي خودمختياري ۽ سالميت کي خطرو آهي. سعودي ولي عهد چيو ته هو اسرائيل طرفان مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪري ٿو، عالمي برادري اسرائيل کي جنگ بند ڪرڻ تي مجبور ڪري. سعودي عرب ۾ ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي سربراهه اجلاس ۾ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻيا ملڪي ۽ حڪومتي سربراه، عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي عملدارن شرڪت ڪئي. عرب ميڊيا موجب اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪ جا سربراهه ۽ خاص نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. عرب ميڊيا موجب فلسطيني صدر محمود عباس عرب اسلامي سربراهه اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسرائيل پاران فلسطين ۾ گڏيل قومن جي امدادي اداري تي پابندي جا خوفناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا. محمود عباس چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اسرائيل جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي برادري فلسطينين خلاف يهودي آبادڪارن جي جاري دهشتگردي کي روڪڻ ۾ مدد ڪري. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز عرب اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ فلسطيني عوام جي حقن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان واضح ۽ مضبوط پيغام ڏنو. هن اسرائيلي ظلمن کي نسل ڪشي قرار ڏنو ۽ خطي ۾ جاري تڪرار کي عالمي برادري لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو. سعودي ولي عهد اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ ڪروڙ 50 لک فلسطينين کي شهيد، زخمي يا لاپتا ڪري چڪو آهي. پاڪستان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪئي وڃي ۽ انهن تي جنگي ڏوهن جو ڪيس هلايو وڃي. سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ گڏيل عرب اسلامي سربراهه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ غزه ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۽ لبنان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. عرب اسلامي سربراهه اجلاس کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دنيا اسرائيلي ڏوهن تي اکيون بند ڪري رهي آهي، غزه ۾ انساني بحران تصور کان ٻاهر آهي. شهباز شريف چيو ته اسرائيل سڀ حدون پار ڪري انساني حقن جي عالمي قانون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. فلسطيني رياست کي فوري طور تي قائم ڪيو وڃي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ القدس الشريف هجي. وزيراعظم چيو ته غزه ۾ بک، غربت ۽ ڏڪار ڪئمپون قائم ڪري ڇڏيون آهن، غزه ۾ جنگ بندي جي سخت ضرورت آهي.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف به ايران خلاف اسرائيلي ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ لبنان تي حملن جي به مذمت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا توسيع پسند عزائم امن لاءِ خطرو آهن، اسرائيل جي ايران خلاف ڪاررواين تي به سخت ڳڻتي آهي، انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *