فلوريڊا(م ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چين سان واپاري معاهدو جلد طئي ٿي ويندو. هو فلوريڊا ۾ اسٽوڊنٽ سمٽ کي خطاب ڪري رهيو هو.رپورٽ موجب رياست فلوريڊا جي شهر ويسٽ پام ۾ ڪنزرويٽو اسٽوڊنٽ سمٽ کي خطاب ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا تمام جلد چين سان واپاري معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ صحيح ڪري وٺندو. هن چيو ته دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن وچ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان واپاري ڳالهيون جاري آهن.واضح رهي ته واپاري معاهدي جي پهرين مرحلي بابت تازو اڳڀرائي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ سامهون آئي هئي جڏهن ٻن وڏين طاقتن جي وچ ۾ مهينن تي ٻڌل واپاري جنگ ختم ٿي هئي جنهن سان عالمي معيشت کي سخت خطرا سامهون آيا هئا. هن معاهدي تحت آمريڪا چين مان ايندڙ شين تي لڳايل ٽيڪسن ۾ گهٽتائي آڻيندو.