دنيا جو سڀ کان ننڍو ٽچ اسڪرين سمارٽ فون

هونئن ته مختلف موبائيل ڪمپنيون جديد ترين وڏي اسڪرين واريون سمارٽ فونون مارڪيٽ ۾ آڻينديون رهنديون آهن پر چين جي هڪ ڪمپنيءَ طرفان دنيا جو سڀ کان ننڍو ٽچ اسڪرين موبائيل فون متعارف ڪيو ويو آهي. رڳو هڪ ڏهائي 54 انچ ٽچ اسڪرين واري ”وي فون ايس ايٽ“ نالي اُن موبائيل کي دنيا جو سڀ کان ننڍو سمارٽ فون قرار ڏنو پيو وڃي. پنهنجي نوعيت جي ان ننڍي ٽچ اسڪرين موبائيل ۾ 64 ايم بي ريم، 128 ايم بي اسٽوريج ۽ 380 ايم اي ايڇ بيٽري، مني سم ڪارڊ کان سواءِ بليو ٽوٿ، ايف ايم ريڊيو، لائيٽ سينسر، دل جي ڌڙڪو ٻڌائيندڙ سينسر جھڙا ڪيترائي فيچر به شامل آهن. ان کي توهان ٻن مختلف رنگن ۾ رڳو 30 ڊالرن ۾ خريد ڪري سگھو ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *