دنيا جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ مهاجرن جو نالو استعمال ڪيو پيو وڃي: فاروق ستار

ڪراچي (م ڊ): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان مظلوم عوام جي جدوجهد ڪري رهي آهي، اسان جي ووٽرز جي نالي تي جيڪو ڪجهه ايم ڪيو ايم لنڊن ڪري رهي آهي، ان جي اجازت نه ڏينداسين، لنڊن کان آڊيو بيان ۽ نديم نصرت جون سرگرميون مهاجرن جي مفاد ۾ ناهن، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نديم نصرت جون آمريڪا مان پاڪستان مخالف لابي سان سرگرميون آهن، اسان پاڪستان مخالف سرگرمين جي مذمت ڪريون ٿا، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ منهنجو موقف سڀني جي سامهون آهي، باني متحده مهاجرن جي نالو استعمال نه ڪري، لنڊن مان ايندڙ آڊيو بيان، نديم نصرت جا بيان مذمت جوڳا آهن، جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن اهي پاڪستاني مڃڻ لاءِ تيار ناهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *