دنيا جون مهذب ۽ عظيم قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت تي ناز ڪنديون آهن:سيد مراد علي شاهه

December 4, 2017 at 3:20 am

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌي ثقافتي ڏهاڙو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ خاص ماڻهن (differently-abled persons) سان گڏجي ملهايو. وزيراعليٰ هائوس ۾ اڄ هڪ سادي پر دلڪش ۽ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خصوصي ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏهاڙو سنڌ جي ثقافت وارو ڏينهن آهي ۽ ان سان گڏوگڏ خاص ماڻهن جو عالمي ڏهاڙو سموري دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، انڪري مون سنڌ جي ثقافت وارو ڏهاڙو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اوهان سان گڏ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اوهان مون لاءِ اهم آهيو ۽ مان اوهان ماڻهن لاءِ ملازمتن جي فراهمي ۽ اوهان جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيان. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا ۽ انهن جي خاطر تواضح مٺائين ۽ جوس سان ڪئي وئي.  خاص ماڻهن پنهنجي ڀرپور پيار گڏ وڏي وزير کي گُل پيش ڪيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ماڻهن پريس ڪلب وٽ ورڊن تي ثقافتي لباس پهري رقص ۽ ثقافتي گيت گائي وڄائي رهيا آهن، جڏهن ته اوهان ثقافتي ڏهاڙو وزيراعليٰ هائوس م ملهائي رهيا آهيو ۽ مون کي هتي اوهان کي ڏسي بيحد خوشي ٿي رهي آهي. مراد علي شاهه چيو ته سندس قومي اخبارن ذريعي خاص ماڻهن لاءِ ملازمتن جي فراهمي لاءِ درخواستون گهرايون  ويون آهن ۽ مان اوهان سڀني کي صلاح ڏيندس ته اوهان اهي درخواستون جمع ڪرايو ۽ ان موقعي مان فائدو حاصل ڪريو ۽ هن چيو ته اوهان جا مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. خاص ماڻهن ان موقعي تي جيئي ڀٽو ۽ جيئي مراد علي شاهه جا نعرا لڳايا. ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته زندهه قومون پنهنجي ثقافت تي فخر ڪنديون آهن، اسان ڪنهن سان به نفرت ناهيون ڪندا. ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيي چيو ته اڄ بنا ڪنهن فرق جي سڀ ڪو ثقافت جو ڏينهن ملهائي رهيو آهي، سنڌ جي ثقافت ۾ ڪٿي به نفرت نظر نه ايندي. هن چيو ته سنڌ سان ڏاڍيون زيادتيون ٿيون پر اسان نفرت نه ڪئي، نواز شريف جي دور ۾ اسان جي ثقافت تي ٽوڪ ڪئي وئي.آصف زرداري سنڌي ٽوپي تي فخر ڪندو آهي.