دل جي غير معياري سٽنٽس خلاف درخواستن تي پنجن اسپتالن کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ سٽنٽ جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار نسٽ يونيورسٽيءَ جي نمائندي کان سوال ڪيو ته ڪنهن ڏينهن خوشخبري ملي رهي آهي ته اسان پنهنجو سٽنٽ تيار ڪيو آهي، نمائندي ٻڌايو ته اميد آهي ته پاڪستان جون مهيني تائين سٽنٽ ٺاهيندو، چيف جسٽس سوال ڪيو ته پاڪستان ۾ تيار ڪيل سٽنٽ جي قيمت ڇا هوندي، ڊاڪٽر مرتضيٰ جواب ڏنو ته پاڪستان ۾ تيار ڪيل سٽنٽ جي قيمت 15 هزار رپيه هوندي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪوشش ڪريو ته سٽنٽ جون کان اڳ مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ۽ ڇا نئين اسٽنٽ جي رجسٽريشن درخواست التوا هيٺ آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته تصديق لاءِ وقت ڏنو وڃي، چيف جسٽس چيو ته اسان جون سموريون ڪوششون ٽارگيٽيڊ آهن، مريضن کي خبر هئڻ گهرجي ته کين ڪهڙو سٽنٽ وڌو ويو آهي، اڄ به 2 لک رپين جو سٽنٽ وڌو پيو وڃي، ڊاڪٽرن کي درخواست آهي ته هڪ لک جي سٽنٽ جا 2 لک رپيه نه ورتا وڃن. چيف جسٽس چيو ته خوشي آهي ته اسان جو سٽنٽ ٽن مهينن تائين مارڪيٽ ۾ اچي ويندو، اسان جي سٽنٽ جي مارڪيٽ ۾اچڻ سان ڪهڙو انقلاب اچي ٿو. هن چيو ته اها پڪ ڪيئن ٿيندي ته خريد ڪيل سٽنٽ مريض کي وڌو ويو آهي يا نه، معاملي جو مڪمل رڪارڊ هئڻ گهرجي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 70 هزار وارو سٽنٽ هڪ لک 10 هزار ۾ وڌو پيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته مون کي رضاڪار گهرجن جيڪي اسپتال جو دورو ڪري رپورٽ ڏين، چئن پنجن ڏينهن ۾ ماڻهن کي بي نقاب ڪنداسين ته شيون بهتر ٿي وينديون. چيف جسٽس ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪندي سمورين اسپتالن جي سربراهن کي انجيوپلاسٽي جي پيڪيجز کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايندڙ ٻڌڻي تي پي آءِ سي لاهور، آڙ آءِ سي راولپنڊي جي سربراهن کي طلب ڪيو ويو، حڪومتي وڪيل جي رپورٽ تي ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. اسپتالن کان ٽن مهينن دوران وڌيل سٽنٽن جي رپورٽ ۽ اگهه طلب ڪري ورتا، جڏهن ته اسلام آباد جي پنجن خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *