دعا کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام: واردات ۾ استعمال ٿيل ڪار وارو ثبوت به ضايع، سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس شاگردياڻي دعا منگي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام: پوليس واردات ۾ استعمال ٿيل ڪار جهڙي گاڏي وارو ثبوت وڃائي ڇڏيو، دعا جي وارثن پاران اڍائي لک ڊالر گهرڻ جي ترديد. ان ڏس ۾ دعا منگي جي مامي ۽ ناليواري ليکڪ اعجاز منگي چيو آهي ته سڀ گهروارا پريشان آهن ، اهي اڃا تائين بند گھٽيءَ ۾ بيٺل آهن، پوليس طرفان ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نظر نه اچي رهي آهي. هُن چيو ته جيڪڏهن بِسمه کي اغوا ڪندڙ گرفتار ٿين ها ته شايد دعا اغوا نه ٿئي ها، اندازو ٿيو آهي ته دعا جي اغوا وارو واقعو بسمه جي اغوا جو تسلسل آهي. هن چيو ته دعا کي اغوا ڪندڙن اسان سان ڪو رابطو ناهي ڪيو ، انهي ڪري ڀنگ گهرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ٻئي پاسي ڪراچي پوليس جي ترجمان طرفان هڪ پڌرائي جاري ڪري ڄاڻا يو آهي ته دعا منگي اغوا ڪيس جي مختلف رُخن ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي، هڪ درجن کا وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ي ته دعا منگي اغوا ڪيس ۾ پوليس ۽ سي پي ايل سي ماضيءَ جي اغوا ڪيسن جي حوالي سان به جاچ ڪري رهيون آهن، ڊي جي آءِ ڏکڻ جي سربراهيءَ ۾ مختلف ٽيمون به جاچ ڪري رهيون آهن، دعا منگي جي اغوا وارو ڪيس پيشيوراڻي انداز ۾ حل ڪيو ويندو.  ٻئي پاسي نالي واري ليکڪ اعجاز منگي جي ڀاڻيجي دعا منگي جي آزادي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، قمبر، نصيرآباد ۽ شهرن ۾ هندو ويلفيئر، منگي ويلفيئر، پ پ شهيد ڀٽو، سول سوسائٽي توڙي ٻين تنظيمن طرفان اڄ به احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا، جيڪب آباد ۾ نوجوان ھندو ويلفيئر پاران ڪراچي مان سنڌ جي نياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مظاھرين شھر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندي دعا منگي جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. مظاھرين پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت کي دعا منگي جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. قمبر ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو لائيرز فورم طرفان ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي جي بازيابي لاءِ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ويو، دعا منگي جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *