دشمن عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪاميابين جو تسلسل جاري رکبو: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ملڪي خوشحالي لاءِ سمورن رياستي ادارن جي مدد ڪندا رهنداسين، سڀ کان پهرين ملڪ باقي سڀ بعد ۾ آهن، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنو عاقل گيريزن جو دورو ڪيو، جتي کيس سڪيورٽي معاملن ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻين تيارين تي بريفنگ ڏني وئي، سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف ڊگهي جدوجهد بعد ڪاميابي حاصل ڪئي، آرمي چيف ڇهون ڀيرو آدمشماري جي عمل ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف به ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف وڌيڪ چيو ته دشمن عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪاميابين جو تسلسل جاري رکڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *