دشمن اسان خلاف اسان کان وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهن: احسن اقبال

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسلامي ملڪ ۾ جهاد جو حق رياست کي آهي، دشمن اسان جي خلاف اسان کان وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معيشت کي 100 ارب کان وڌيڪ نقصان ٿيو جڏهن ته 6 هزار اهلڪار شهيد ٿيا ۽ 70 هزار زخمي ٿيا. هن چيو ته اسان نيشنل ايڪشن پلان بڻايو، دهشتگردي جي خاتمي واري فورس بڻائي ۽ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور آپريشن شروع ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي آپريشن دوران دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي، ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ امن بحال ڪيو، اڄ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي گهٽجي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *