نوشهروفيرزو (ڊ ر) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڇٽو خان وڳڻ ۽ڳوٺ قاسم زيلدار ۾ گھرن کي باھ، گھرن ۾ پيل روڪ رقم، اناج 13 ٻڪرين سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، فائربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گهرن کي باهه لڳڻ کان بچائي ورتو. رپورٽ موجب دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڇٽو خان وڳڻ ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب مير جت برادري جي گھرن کي اوچتو باھ لڳي وئي باھ سبب لال بخش مير جت، حاڪم ميرجت، پوپٽ مير جت جي گھرن کي اوچتو باھ لڳي وئي تيز ھوا سبب باھ جا شعلا غلام سرور وڳڻ جي مال جي واڙي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو جنهن ڪري مير جت برادري جون 13 ٻڪريون روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ سڙي راک ٿي ويو ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪيو ۔ ٻئي پاسي ڳوٺ قاسم زيلدار م عبدالرحمان لاشاري جي گھر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باھ لڳي وئي باھ سبب گھر ۾ پيل سامان سڙي راک ٿي ويو. فائربرگيڊ عملو بدستور ٿيڻ سان پهچڻ ڪري ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪري باھ تي ضابطو آندو.