درخواست ڪندڙ چاهين ٿا ته اسان فيصلو ڏيون،جيڪڏهن اسان فيصلو ڏنوسين تي اهو خطرناڪ هوندو : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پاناما نظرثاني بابت شريف خاندان جي اپيلن جي ٻڌڻِ دوران ججن رمارڪس ڏنا آهن ته درخواست ڪندڙ چاهين ٿا ته اسان ڪو فيصلو ڏيون، جيڪڏهن اسان ڪو فيصلو ڏنوسين ته اهو خطرناڪ هوندو، آئين تي هلڻ ڪنهن کي خراب لڳي ٿو ته ڀلي لڳي اسان ته آئين ۽ قانون موجب هلنداسين. جڏهن ته نوازشريف جي وڪيل خواجا هارس پنهنجا دليل مڪمل ڪندي چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڪڏهن به پگھار کي اثاثا نه سمجھيو آهي. جنهن سبب انکي ظاهر ڪرڻ به ضروري نه سمجھيو. خميس تي جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ شريف خاندان پاران داخل ٿيل نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پاران ان جو وڪيل خواجا حارث ۽ حسين ۽ حسن مريم نواز پاران سلمان راجا وڪيل پيش ٿيو. نظرثاني اپيلن تي گذريل ڏينهن پهرين ٻڌڻي دوران خواجا حارث 28 جولائي واري فيصلي ۾ پنج رڪني تي اعتراض والاريا، ٻڌڻي جي ٻئي ڏينهن به دليل جاري رکندي خواجا حارث چيو ته نوازشريف ڪڏهن به پٽ جي ڪمپني مان پگھار جي دعوا نه ڪئي ۽ پگھار ظاهر نه ڪرڻ روپا ايڪٽ جي 76 A جي تحت اچي ٿو. ان موقعي تي جسٽس اعجاز افضل پڇا ڪئي ته اسان ڪيئن مڃون ته ان پگھار کي اثاثا نه سمجھا ڪمپنيءَ مان لکت واري معاهدي ۾ ڪٿي به نه لکيل هيو ته پگھار نه وٺنداسين، خواجا حارث چيو ته جي آئي ٽي اهو نه چيو هو ته اڪائونٽ لڪايا ويا. سمجھڻ ۾ غلطي تي چيو ويو ته نوازشريف صادق ۽ امين نه رهيو آهي جڏهن ته آرٽيڪل 62 ون ايڪٽ ايمانداري بابت آهي جيڪو ان ڪيس تي لاڳو نه ٿو ٿئي ۽ علطي ڪرڻ تي آرٽيڪل ون ايف کي لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي، ان موقعي تي جسٽس عظمت سعيد شيخ سوال ڪيو ته توهان چوڻ چاهيو ٿا ته پگھار ظاهر نه ڪرڻ تي روپا جي تحت ڪاروائي ٿيڻ گھرجي پر نااهلي نه. جسٽس اعجاز افضل چيو ته دستاويزن تحت نواز شريف جو ايمپلائي نمبر 194811 آهي. ۽ هن پگھار به وصول ڪئي ۽ معاهدي ۾ لکيو ويو ته نوازشريف کي ڏهه هزار درهم ملندي آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته نوازشريف جي ئي نالي تي هڪ هيٺيون اڪائونٽ کوليو ويو ۽ ڪيپٽل ايف زيڊ اي اڪائونٽ ۾ آگست 2013 تي پگھار به آئي. جڏهن ته دستاويزن موجب طريقي تحت اڪائونٽ کوليو ويو جنهن جو رڪارڊ جي آئي ٽي رڪارڊ واليم 9 ۾ موجود آهي، ان تي خواجا حارث چيو ته نوازشريف جي ڪنهن اڪائونٽ تي ايف زيڊ اي کان ڪابه رقم منتقل نه ٿي آهي، جڏهن ته هيٺيون اڪائونٽ نوازشريف جو نه پر ڪمنپي جو آهي ۽ نوازشريف پنهنجا سمورا بينڪ اڪائونٽس ظاهر ڪيا هر آمدني اٿاثو نه هوندا آهن. اثاثا آمدني بينڪ ۾ هوندي آهي يا کيسي ۾ ان موقعي تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته عدالت فيصلو تسليم ٿيل حقيقتن تي ڪيو ويو ۽ فيصلي ۾ اڪائونٽ جو ذڪر نه هو ان تي ڳالهه نه ڪئي وڃي، خواجا حارث چيو ته ڪوئي عدالتي مثال نه ٿو ملي جنهن ۾ هڪ اثاثو ظاهر ڪرڻ تي نااهل ڪرڻ هجي، سوال صرف اهو آهي ته 62 ون ايف نافذ ٿئي ٿو، جسٽس اعجاز افضل چيو ته اثاثا لڪائڻ تي صرف اليڪشن ڪالعدم نه هوندي آهي پر اثاثا لڪائڻ واري نمائندي جو حقدار نه هوندو آهي. خواجا حارث دليلن ۾ چيو ته جي آئي ٽي رپورٽ اڻپوري آهي جنهن جي بنياد تي رفرنس داخل ٿي نه ٿو سگھي. جي آئي ٽي وڌيڪ دستاويز ذريعن مان حاصل ڪيا آهن، جڌهن ته جي آئي ٽي کي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ اڻپوري رپورٽ جي بنياد تي فيصلو نه ٿو ڪري سگھجي. ان موقعي تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته جي آئي ٽي رپورٽ کي ناقابل ترديد سچ تسليم نه ڪيو ويو ۽ ان رپورٽ جي بنياد تي نوازشريف کي ڏوهاري نه قرار ڏنو ويو ، خواجا حارث دليلن ۾ چيو ته جي آئي ٽي جي اڻپوري رپورٽ ۾ عدالت رفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڪيئن ڏئي ڇڏيو، جي آئي ٽي رپورٽ اڻپوري آهي جنهن جي بنياد تي رفرنس داخل نه ٿو ٿي سگھي. پهريان دنيا ۾ ڪٿي به نه ڏٺو ويو ته چيو ويو هجي ته رفرسن تيار ڪري فائل ڪيو، جسٽس اعجاز افضل چيو ته ٽريل ڪورٽ جي آئي ٽي رپورٽ تي ڪاروائي ڪري هان، ٽرائيل ڪورٽ کي مڪمل اختيار آهي ته آزاداڻا ڪاروائي ڪري. جسٽس عظمت سعيد سوال ڪيو ته توهان اسانکي اهو چئي رهيا آهيون ته جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏييون، ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون جيڪي چئي سگھن پيون پر اسان فيصلو لکڻ ۾ احتياط ڪيوسين، نوازشريف جي وڪيل ٻڌڻي دوران نيب رفرنس لاءِ نگران جج جي مقرري تي سوال ڪيو، خواجا حارث چيو ته خاص ٽرائيل جي نگراني لاءِ ڪڏهن به جج م قرر نه ڪيو ويو عدالت پهريان به جي آئي ٽي جي نگراني ڪئي ۽ هاڻِي ٽرائيل ڪورٽ جي به نگراني ڪئي پئي وڃي. جج عظمت سعيد چيو ته ڇا توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته ڌار نگران جج نه لڳائڻ گھرجي هان، جنهن تي جج آصف سعيد کوسي چيو ته جج صرف مانيٽرنگ جي لاءِ هوندو آهي، باريڪ بيني لاءِ نه هوندو آهي. جڏهن ته پاناما ڪيس ۾ ڪجھه هدايتون ڏنيون ويون، خواجا حارث چيو ته خاص ڪيس جي نگراني سان ڪيس تي اثر پوندو آهي. جنهن تي جسٽس کوسي چيو ته نه انکي يقين ڏياريون ته نگران جج ٽرائيل تي اثرانداز نه ٿيندو آهي، خواجا حارث چيو ته منهنجو ڪيس اهو آهي ته جي آئي ٽي ايمانداري سان ڪم نه ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ چيو ته جي آئي ٽي ايمانداري سان ڪم ڪيو شفاف ٽرائيل منهنجي موقل جو حق آهي. عدالت کي آبزرويشن ڏيڻي پوندي، ان تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪيس ۾ ڪو به تعصب نه ڪيو وڃي. توهان عدالت تي ڀروسو رکو، جسٽس اعجاز احسن چيو ته اسانکي توهان جي خدشن جي ڄاڻ آهي توهان جي آئي ٽي جي سمورن ميمبرن تي جرح ڪيو. جي آئي ٽي جي عدالت جي تعريف رڪاوٽ نه بڻبي، جنهن تي خواجا حارث چيو ته جي آئي ٽي تي جرح ڪندس ته هوءَ سپريم ڪورٽ جو تاريخي پيراگراف رکي ڇڏيندي، جج آصف سعيد کوسي چيو ته نوازشريف جا حق متاثر ٿيا هئا، ته انهيءِ عدالت رليف ڏنو هيو، جيڪڏهن ٽرائيل ۾ زيادتي ٿي ته سپريم ڪورٽ توهان سان گڏ هوندي سپريم ڪورٽ هر شهري جي حقن سان گڏ آهي. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا جنهن کانپوءِ اسحاق ڊار جي وڪيل شآهد حامد پنهنجا دليل شروع ڪيا. هن دليلن ۾ چيو ته عدالتي فيصلي م ان جي موقل خلاف ڪو به حڪم ناهي جي آئي ٽي پنهنجي مينڊٽ کان وڌي وئي جڏهن ته انکي اسحاق ڊار بابت هدايتون نه ڏنيون ويون هيون، جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته اسان کان 9 مملين مان وڌي 980 ملين ٿي وڃن ته وضاهت ٽرائيل ڪورٽ کي ڏئي ڇڏيو، جسٽس اعجاز افضل چيو ته ڇا توهان چئو ٿا ته 90 دفعا اثاثا وڌي وڃن ۽ اسان اکيون بند ڪري رکون، ان موقعي تي اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته اثاثا مختصر وقت ۾ نه پر 15 سالن ۾ وڌيا. ججن پهريان ئي چئي چڪا آهن ته اسان محتاط زبان استعمال ڪئي. پر اختيار جي باوجود ڪجھه حقيقتن کي مدنظر نه رکيو ويو، جسٽس آصف سعيد سوال ڪيو ته توهان جي موقل 164 جي اعترافي بيان کي چيلينج ڪيو جنهن تي شاهد حامد ايڊووڪيٽ چيو ته اعترافي بيان جاري آهي ۽ ان جي ڪابه اهميت نه آهي، جسٽس عظمت سعيد شيخ رمارڪس ڏنا ته توهان شايد چاهيون ٿا ته اسان ڪوئي فيصلو به ڏيون ، جيڪڏهن اسان فيصلو ڏنو ته وڏو خطرناڪ ڪم هوندو. جسٽس آصف سعيد کوسي آبزرويشن ڏني ته آئين تي هلڻ ڪنهن کي خراب لڳي ٿو ته ڀلي لڳي اسان آئين موجب ئي هلنداسين. اڄ توهان جي خلاف فيصلو آيو ته خدشن جو شڪار نه ٿيو، عدالت تي اعتماد ڪيو عدالتن پهريان به توهان جي حقن جو تحفظ ڪيو ۽ هاڻِي به ڪنديون. اسان شهرين جي حقن جي تحفظ جو قسم نامون کنيو آهي. ان کانپوءِ ٻڌڻي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *