واشنگٽن (م ڊ ڈڈ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هڪ هفتي ۾ دولت اسلاميا (داعش) جو خاتمو ڪري شام ۽ عراق کي مڪمل طور تي آزاد ڪرايو وڃي. تفصيلن موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي راڄڌاني ۾ هڪ ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو آهي ته وڌ کان وڌ هڪ هفتي ۾ داعش جو مڪمل خاتمو ڪري 100 سيڪڙو خلافت اسان وٽ هوندي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته داعش جي خلافت ختم ڪري ڇڏي پر هن جا ننڍا ننڍا گروپ خطرناڪ ٿي سگھن ٿا، غير ملڪي جنگجوئن کي آمريڪا پهچڻ کان روڪڻو آهي.دهشتگردن ڪجهه عرصي کان انٽرنيٽ جو استعمال اسان کان بهتر انداز ۾ ڪيو پر هاڻي ان شعبي ۾ هو اوترا سٺا ناهن رهيا. پنهنجي اتحادين جو ٿورو مڃيندي هن چيو ته اسان ايندڙ وقت ۾ به گڏجي ڪم ڪنداسين.آمريڪا جي گھرو سيڪريٽري مائيڪ پومپيو چيو ته آمريڪا شام مان پنهنجي فوج جي انخلاءَ باوجود داعش خلاف ويڙهه جاري رکندو.شام مان آمريڪي فوج جو انخلاءَ هڪ شاطراڻي تبديلي هئي پر اها تبديلي مشن ۾ نه آئي، دنيا هاڻي اهڙي جهاد ۾ شامل ٿي رهي آهي جنهن جو ڪو به مرڪز نه هوندو. ٻئي پاسي آمريڪي فوج کي خدشو آهي ته جيڪڏهن دهشتگردن تي دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان دٻاءُ برقرار نه رکيو ته داعش ٻيهر منهن ڪڍي سگھي ٿي.