داعش سربراهه ابوبڪر البغدادي هوائي حملي ۾ مارجي ويو: برطانوي ميڊِيا

دمشق( م ڊ ) برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي شدت پسند تنظيم داعش جو سربراهه ابوبڪر بغدادي شام ۾ فضائي حملي جي نتيجي ۾ مارجي ويو آهي.برطانوي ميڊيا سرڪاري خابرو اداري جي حوالي سان دعويٰ ڪئي ته داعش سربراهه البغدادي شام جي علائقي الرقه ۾ آمريڪي اتحادي فوج جي هوائي حملي ۾ مارجي ويو آهي پر داعش اڃا تائين ابوبڪر البغدادي جي موت جي تصديق نه ڪئي آهي. ڪيترائي ڀيرا هوائي حملن ۾ ابوبڪر البغدادي جي مارجڻ يا زخمي ٿيڻ جي خبر ميڊيا ۾ اچي چڪي آهي، جڏهن ته سندس سر جي قيمت 2 ڪروڙ پائونڊ رکي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *