داعش جي ويڙهاڪن جي ميدان جنگ ۾ شامي فوج جي بمباري سان موت جي ويڊيو
September 25, 2017 at 9:43 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
دمشق (اين اين آءِ) شآم ۾ داعش جي ٽن ويڙهاڪن جي ميدان جنگ ۾ اسدي فوج جي ٽينڪ سان بمباري سان موت جي هڪ ويڊيو گذريل هفتي منظر عام تي آئي آهي اها ويڊيو ڪنهن ٻئي نه پر پاڻ داعش جي ويڙهاڪ ئي ڪيمرا جي ذريعي ٺاهي آهي. هن اها ڪيمرا پنهنجي فوجي بڪتر بند گاڏي ۾ لڳائي هئي.اها فوجي بڪتر بند گاڏي شامي فوج ۽ حزب الله جي ملڪيتي هئي. پر اها داعش جي ويڙهاڪ کان کسي ورتي هئي ۽ اننهن جي استعمال ۾ هئي ان ويڊيو ۾ داعش جي ويڙهاڪ بڪتر بند گاڏي جي پوئين حصي ۾ بيٺل نظر اچي رهيا آهن ۽ انهن وٽ هڪ سب مشين گن به آهي. هو ڪيئن کليل ميدان ۾ هلندي وڃي رهيا آهن، ان دوران اوچتو عين سامهون کان شامي فوج جي هڪ ٽينڪ ايندي نظر آئي. ويڊيو ۾ داعش جي ٻن ويڙهاڪ بڪتر بند گاڏي جي مٿان نظر اچي رهيا اهن ، هو گاڏي هلائندي پنهنجي ساٿي کي هدايت جاري ڪري رهيو آهي ۽ هو انکي ڪنهن مهل سڄي پاسي ۽ ڪنهن مهل کٻي پاسي چئي رهيو آهي، جڏهن کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته هاڻي هو شامي فوج جي ٽينڪ جي سامهون آهن ته هو پنهنجي ريڊيو جي ذريعي ٽينڪ يونٽ جي ڪمڪ طلب ڪري ٿو. پر تيستائين وڏي دير ٿي ويندي آهي. شامي فوج جي ٽينڪ ان جي گاڏي کي هڪ بم سان نشانون بڻائي ٿي ۽ پوءَ هڪ زوردار ڌماڪو ٿئي ٿو ۽ ان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ٿا. اها ويڊيو ان تباه ڪيل گاڏي مان ملي هئي.