لنڊن ( م ڊ) پاڪستان ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبر سعيده وارثي داعش جي حمايت جو الزام هڻدڙ يهودي اخبار خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس کٽي وئي آهي. برطانيا جي يهودي اخبار جيوش نيوز ۾ شايع ٿيل مضمون ۾ سعيده وارثي تي الزام هنيو ويو هو ته هوءَ شدت پسند تنظيم داعش لاءِ پنهنجي دل ۾ نرمي رکي ٿي. اڳوڻي برطانوي فوجي آفيسر ڪرنل رچرڊ ڪيمپ پنهنجي ڪالم ۾ سعيده وارثي تي الزام هنوي ته هن داعش ۾ شامل برطانوي مسلمانن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. سعيده وارثي الزامن کي رد ڪندي جيوش نيوز تي ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪئي جنهن تي عدالت سندس حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ۾ سعيده وارثي جي وڪيل چيو ته سندس اصيل تي هنيل الزام بي بنياد آهن، حقيقت ۾ سعيده وارثي داعش جي سخت مخالف آهي جنهن جو هوءَ کلي اظهار ڪندي آهي، ايستائين جو داعش سعيده وارثي جي دشمن آهي ۽ کيس هٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي. عدالت سعيده وارثيءَ جي حق ۾ فيصلو ڏيندي يهودي اخبار کي 20 لک رپيه ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪيس هارائڻ بعد جيوش نيوز پنهنجي پهرين صفحي تي سعيده وارثي کان معافي ورتي ۽ ڏنڊ جي رقم بها دا ڪئي. سعيده وارثي رقم فلاحي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.