خيرپور ۾ ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ  وين مٿان ڪلٽي، 21 ماڻهو چيڀاٽجي فوت

خيرپور( شاهد سيال وٽان ) خيرپور ۾ ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ وين تي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ڪراچي مان پنجاب ويندڙ ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ شاهه حسين باءِ پاس تي راڻيپور کان سکر ويندڙ هڪ وين تي ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾20ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنت ڊاڪٽر غلام جعفر سومري موجب زخمين جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي. حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. ٻئي طرف حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ به جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *