خيرپور ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٽي ڄڻا مارجي ويا، 9 ڄڻا زخمي، گهرو وزير نوٽيس ورتو

خيرپور(ڊر ) ڪوٽڏجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄاڄي ٻرڙا ۾ ٻن ڌرين وچ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ذوالفقار ٻرڙو، لطيف ڏنو ۽ مشتاق ٻرڙو مارجي ويا آهن جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا انھن ۾ قربان علي، سليمان، نور احمد، لياقت علي، امتياز ڪٽوھر، ڪشمير، دودو خان، شھاب الدين ۽ غلام شبیر ڌاريجو شامل آهن.اھڙي واقعي کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنھن کانپوءِ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، رينجرز پھچي وڌيڪ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کي روڪي ورتو آهي ٽنھي فوتين ۽ 9 زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *