خيرپور ڪوٽڏيجي لڳ مسافر وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر، ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا فوت

خيرپور(ڊ ر): خيرپور ڪوٽڏيجي لڳ ديھ سوهو اسٽاپ  تي تيز رفتار  مسافر وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر، 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، هڪ معصوم نينگري سخت زخمي اسپتال منتقل.خبر موجب ڪوٽڏيجي لڳ ڳوٺ بنگل خان چانڊيو جا رهواسي پنهنجي ڳوٺ کان خيرپور طرف وڃي رهيا هئا ته ڪوٽ بنگلو ڀرسان ديھ سوهو اسٽاپ تي تيز رفتار مسافر وين جو موٽر سائيڪل کي آمھون سامھون زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ مسمات شريفان زال محمد شريف، مسمات ريشما زال خادم حسين چانڊيو سميت هڪ مرد لطيف ڏنو چانڊيو فوت ٿي ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *