خيرپور (ڊ ر) خيرپر ويجهو قلندر جي پانڌيئڙن سان حادثو 4 عقيدتمند فوت ٿي ويا، جڏهن ته پندرنهن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ڳوٺ لالو ڪانڌڙو وٽ سيوهڻ زيارت تي ويندڙ مسافر ويگن کي گيس سلينڊر مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نيامت ، پرهه ، ماجدهه سميت چار انسان اجل جو شڪار بڻجي ويا جڏهن ته 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.زخمين ۾ زرينه خاتون، اسرار احمد، مور خاتون، محمد عيسيٰ سميت 15 کان به وڌيڪ عقيدتمند سڙي زخمي ٿي پيا . واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقامي ڳوٺاڻن ۽ پوليس فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي گمبٽ ۽ خيرپور جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو .ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۽ زخمين جو تعلق ميتلا برادري سان آهي جيڪي وڏا مهيسر کان سيوهڻ شريف وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو .