خيرپور (رپورٽ : شاهد نواز سيال) ڊي او پرائمري خيرپور جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي نه آهي. محمد نواز سوهو، استاد جو پيشو پيغمبري پيشو آهي پنهنجي پيشي سان سچائي نه ڪندو ته اها آفيسري کسجي ويندي. ڊي سي خيرپورسرڪاري رٽ بحال ۽ قبضو ڪندڙ ڀوتارن، وڏيرن، بااثر ماڻهن کان سمورا اسڪول هر صورت ۾ خالي ڪرائينداسين.صحافتي پيشي سان تعلقه رکندڙ استاد هڪ پيشو اختيار ڪن.ڪورٽ جي فيصلن تي عمل درآمد ڪيو وڃي. گوسڙو استادن کي سماج آڏو پيش ڪنداسين، تعليم بابت گڏجاڻي ۾ آفيسرن کي هدايتون.خيرپور جي تعليمي ادارن ۾ سهولتن،معيار، چوديواري، مرمت، بنيادي ڪم، فرنيچر، مستقل بند ۽ عارضي بند اسڪولن، گهوسڙو استادن، وڏيرن جي قبضي هيٺ اسڪولي عمارتن بابت گڏجاڻي ڪيمپ آفيس خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو جي صدارت هيٺ ٿي گزري اجلاس ۾ تعليم کاتي لاءِ مقرر چيف مانيٽرنگ آفيسر پاران رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلع جي اٺن تعلقن ۾ 93 مستقل بند اسڪولن آهن جڏهن ته 103 عارضي اسڪول بند آهن ان کان علاوه 44 استادن ۽ غير تدريسي عملي جا 7 ملازم گهوسٽ ظاهر ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو گڏجاڻي دوران تعليم کاتي جي ڊي ڊي اوز، ٽي اوز کي سخت هدايتون ڏيندي چيو ته استاد جو پيشو پيغمبري پيشو آهي پنهنجي پيشي سان سچائي نه ڪندو ته اها آفيسري کسجي ويندي تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ سڌرا نه آندو ته سخت پڇاڻو ٿيندو ڪورٽ جي فيصلن تي عمل درآمد ڪيو وڃي ڀوتارن، وڏيرن قبضي هيٺ جيڪي به اسڪول آهن اهئ. خالي ڪرڻا پوندا سرڪاري رٽ هر صورت ۾ بحال رکنداسين، ڊي او پرائمري جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش آهي. ڊي سي خيرپور چيو ته سري لنڪا ۾ ڪو به اسڪول پڪو نه آهي پر تعليم جي شرح 100 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جن اسڪولن ۾ صحافتي پيشي سان تعلق رکندڙ استاد آهن ان لاءِ سٺو آهي ته هو هڪ ڪم ڪن ٻي صورت ۾ انهن خلاف ايڪشن ڏسڻ جهڙو هوندو گوسٽرو ۽ بااثر سان ڪنهن قسم جي رعايت نه ٿيندي گوسڙو استادن کي وارننگ ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، ڊي سي خيرپور چيو ته قانون تي عمل درآمد ڪرايو وڃي ته اسڪول پاڻ ٺيڪ ٿي ويندا. ڊِي سي خيرپور تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ استادن مٿان زور ڏيندي چيو ته تعليم واپرائن ۾ جذبي سان ڪم ڪيو هن چيو ته don’t find fault, find a remedy غلطي تلاش نه ڪيو بلڪه علاج ڳولهيو. اجلاس ۾ ڊي سي خيرپور فيصلو ڪيو ته گورنمنٽ پرائمري اسڪول اڳڙا لاءِ 2 ملين رپيا فوري جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايجوڪيشن ورڪس جي انجينئر جانب ڀنڀرو کي هدايت ڪئي ته هو جلد اسڪول جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائي گڏجاڻي ۾ ٽي اوز پاران ضلع جا ڪيترائي اسڪول ڀوتارن، وڏيرن ۽ بااثر ماڻهن جي قبضي جي شڪايت ڪئي جنهن ته ڊي سي خيرپور چيو ته ڪو به ماڻهو سرڪار کان مٿائون نه آهن سمورا قبضا خالي ڪرايا ويندا هن گزريل ڏينهن محله وانڊ ۾ اسڪول ۾ گندي پاڻي جو سبب بڻجندڙ مقامي ڪونسلر خلاف قانوني ڪاروائي سان گڏ کين اسڪول ايس ايم سي چيئرميني کان هٽائڻ جو حڪم ڏنو. ان موقع تي جانب ڀنڀري ٻڌايو ته ايم اينڊ آر ۾ گزريل سال جا سمورا ڪم مڪمل ٿي چڪا آهن. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڊي او فيض علي جسڪاڻي، حميد الله مهر، نور محمد سهتو، عبدالله ۽ ٻين پاران اسڪولن جي حالت، سهولتون، زبون حال، قبضن، فنڊز ۽ ٻين معاملن تي تفصيل سان بريفنگ ڏني.
خيرپور ضلعي ۾ بند پيل 200 کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن جو ڪارڻ گوسڙو استاد بڻيل
خيرپور ؛ ذريعن موجب مليل ڄاڻ مان معلوم ٿيو آهي ته خيرپور ضلعي ۾ بند پيل 200 کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن جو ڪارڻ اهو آهي ته تعليم کاتي جا گوسڙو استاد ۽ ملازم سياسي ڀوتارن جي اوطاقن ، هائوسن ، ذرعي فارمن ، ڪاروبارن تي منشي بڻيل آهن جيڪي پگهار ته سرڪار جي کائن ٿا مگر ڪم سياسي ڀوتارن جو ڪن ٿا جنهن جي ڪري خيرپور ضلعي جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل داو تي لڳل آهي .
آفيسرن ، ٺيڪيدارن ۽ سياسي اڳواڻن جي ملي ڀڳت سان گذريل ٻن سالن دوران رقم هڙپ
خيرپور؛ تعليم کاتي جي بند پيل اسڪولن بابت انڪشاف ٿيو آهي ته ايجوڪيشن ورڪس جي آفيسرن ، ٺيڪيدارن ۽ سياسي اڳواڻن جي ملي ڀڳت سان گذريل ٻن سالن دوران ڪاغذن ۾ ساڍا چار ارب روپيه تعميراتي ڪم جي مد ۾ ڏيکاري سرڪاري خزاني کي اجتمائي طور لٽيو ويو آهي ، هن سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عدالتي ڪميشن ذريعي چاج ڪرائي وڃي ته چونڊيل سياسي اڳواڻن سميت وڏي پئماني تي ٺيڪيدارن ، ايجوڪيشن آفيسرن جي گرفتار ٿيڻ جو امڪان آهي ، ڇو ته اربين روپيه فقط ڪاغذي ڪارروائي ۾ خرچ ڏيکاريل آهن جڏهن ته عملي طور اسڪولن اندر مرمتي ڪم نه ٿيل آهي
تعليم کاتي جا 7 ملازم گوسڙو ، 44 گوسڙو استاد ٻڌايا ويا آهن جن ۾ 18 عورتون به شامل
خيرپور؛ تعليم کاتي جي ڪامورن پاران ڊي سي خيرپور محمد نواز سوهو کي مهيا ڪيل تفصيلن موجب تعليم کاتي جا 7 ملازم گوسڙو ، 44 گوسڙو استاد ٻڌايا ويا آهن جن ۾ 18 عورتون جن ۾ شاهده هشمت ، شڪيلا پروين ، قرت العين ، بدر النساءِ ، شهناز زادي ، ميهوش ارشاد ، شهناز ، افروز خاتون ، بابرا ، نائلا سرفراز ، روزينا ، زڪيه ، پروين صديق ، صدوري نرمل ، عريفا ، صنم ، شيربانون ، جڏهن ته گوسڙو استادن ۽ ملازمن ۾ 31 مرد شامل آهن جن ۾ رياض حسين ، عزيزالله ، امداد حسين ، اعجاز علي مرکنڊ ، نجيب احمد ، جاويد احمد ، نثار احمد ، نذير حسين انصاري ، محمد ثناءُالله ، ذوالفقار علي شيخ ، ڪرم الله ، مسعود محمود ، فهيم احمد م منصور احمد آرائين ، عمران علي شيخ ، نياز علي ، محمد مٺل ،تنوير احمد ، عبدالجبار مري ، نديم جماڻي ، ممتاز علي هاڏاڻو ، ارشاد علي ، جاويد احمد ، سنيل ڪمار ، سنتو مل ، سيد احمد شاهه ، جميل احمد ، رحيم الدين ، محمد صليک ، محمد اقبال ، عبدالحفيظ ڪانهر ، غلام رضا خاصخيلي ، گلشن علي مهر شامل آهن . ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي آفيسرن پاران 50 سيڪڙو گوسڙو استادن ۽ ملازمن بابت ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي انگ اکر ڏنا ويا آهن جڏهن ته تعليم کاتي جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گوسڙو استادن ، ملازمن کي سياسي آشرواد هئڻ سبب انهن تي ڪک رکي ڇڏيا آهن ،
ڊي سي پاران تعليم کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ بابت هدايتون جاري
خيرپور ؛ ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو پاران ڪيل ميٽنگ دوران تعليم کاتي ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي ڪامورن کي ڪيترن ئي موقعن تي لاجواب چئي ڇڏيو ، ڊي سي خيرپور بينالاقوامي ملڪن بابت انگ اکر ٻڌائيندي ڪامورن کي خيرپور جي تعليم کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ بابت هدايتون جاري ڪيون ، ڊي سي خيرپور تعليم کاتي جي آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي ڪارڪردگي تي انتهائي افسوس ٿي رهيو آهي جيڪڏهن اها حالت رهي ته نه فقط تعليم تباهه ٿيندي پر اوهين پنهنجيون نوڪريون به وڃائي ويهندو ، انتهائي شرم جي ڳالهه آهي ته تعليم کاتي پاران سنڌ حڪومت کي ڪارڪردگي جا انگ اکر پيش ڪيل ڪوڙ تي مبعيني آهن جنهن جي ڪري سنڌ حڪومت آڏو تعليم کاتي جي ڪارڪردگي تي شرمندگي محسوس ٿي رهي آهي ، ميٽنگ دوران ڊي سي خيرپور محمد نواز سوهو تعليم کاتي جي آفيسرن کان سوال ڪندي چيو ته خيرپور ۾ ڪو ماڊل اسڪول ٻڌايو ؟ جنهن تي سڀني ڪامورن ڪنڌ هيٺ جهڪائي خاموشي اختيار ڪئي جنهن تي ڊي سي وراڻيو ته افسوس آهي جو سنڌ حڪومت تعليم کاتي تي اربين روپيه خرچ ڪري رهي آهي ۽ اوهان جي ڪارڪردگي بهتر نه هئڻ ڪري اڄ نجي ادارا ايجوڪيشن جي ميدان ۾ اڳڀرا آهن .