خيرپور ضلعي ڪائونسل جو اجلاس؛سال 2017 کي شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان

 خيرپور (رپورٽ: شاهد نواز سيال ) خيرپور ضلعي ڪائونسل خيرپور جو اجلاس  سچل آڊيٽوريم هال ۾ چيئرمين شهريار وساڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ وائس چيئرمين ڪاشف ڀانڀڻ پڻ موجود هيو. شهريار وساڻ اجلاس کي شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان منسوب ڪندي چيو ته شهيد راڻي ملڪ ۾ عوام جي خدمت، جمهوريت جي بحالي، دهشت گردي جي خاتمي، وومين پوليس اسٽيشن، وومين يونيورسٽيون، وومين بنڪ، يوٿ افيئر کاتو ٺاهڻ سان گڏ عوام کي صحت ۽ تعليم جي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي. شهريار وساڻ ضلعي ڪائونسل پاران سال 2017 کي شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان گڏ  کي زبردست خراج پيش ڪيو. شهريار وساڻ ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن بابت ڪونسل جي ميمبرن پاران شڪايتن جي ٽنيڊر رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ان کان اڳ اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو، پشارو اسڪول جي بارن، 11 ربيع الاول، ڳوٺ وارث ڳنڀير ويجهو ويگن حادثي جي مري وڃن وارن لاءِ دعا گهري وئي. ۽ ضلعي ڪائونسل جي تعمير ٿيندڙ اسمبلي هال کي شهيد راڻي بينظير ڀٽو هال جو نالو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. .اجلاس ۾علي شير مڪول، سيد حسين شاهه ،بينظير ابڙو، رسول بخش شر، پاران 27 ڊسمبر تي شهيد راڻي جي 10 ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي رٿائن جي منظوري ڏني وئي. ڪونسل ميمبر غلام رسول ڌاريجو، فقير شير علي ڏيٿو، رسول بخش شر، شهباز ڏنو پاران ضلعي جي مختلف يوسين ۾ پيئڻ جي پاڻي، ٽيل جي آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي، تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ ۽ صحت سان گڏ ٻين بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي رٿائون پيش ڪيون ويون جيڪا منظور ڪيون ويون. ميمبر منور وساڻ پاران ايوان ۾ رٿ پيش ڪئي وئي ته ڪوٽڏجي تعلقي ۾ خانگي ڪمپنين کان رائلٽي ضلعي ڪونسل کي ملڻ کپي ته جيئن ترقياتي ڪمن ۾ مالي مدد ملي سگهي، ميمبر الطاف مري رٿ پيش ڪندي چيو ته خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ضلعي جي بيروزگارن جي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ترجيحي ڏني وڃي. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبر يوسف جلباڻي رٿ پيش ڪئي ته آبادگارن سان ظلم ۽ زيادتي بند ڪئي وڃي ۽ شوگر ملز پاران آبادگارن کي ڪمند جو ريٽ 182 رپيا ڏيڻ لاءِ ڪونسل پاران ڪوششون ورتيون وڃن ۽ ٽنڊو نظر علي ويجهو جديد ايگريڪلچر مارڪيٽ ٺاهي وڃي .جنهن تي ڪونسل ميمبر علي شير مڪول چيئرمين جي اجازت سان ٻڌايو ته مارڪيٽ جو ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي ۽ جلد مارڪيٽ کي فنڪشنل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ حفيظ الله چانڊيو پاران چيئرمين ضلعي ڪونسل شهرياروساڻ جي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ۽ هر ميمبر کي علائقي جي مستحق ۽ غريب ماڻهن لاءِ مختلف ڪمن تي خراج پيش ڪندي سال 2017 جو بهترين چيئرمين قرار ڏيڻ جي رٿ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ سموري قراردادن جي منظوري کان پوءِ ڪونسل جي ميمبرن پاران تعليم، صحت، روزگار، مستحق ماڻهن کي مالي سهائتا، نشي واري شين تي ضابطي لاءِ سوال و جواب جو سيشن شروع ٿيون جنهن تي چيئرمين شهريار وساڻ اي ڊي سي ٽو عبداڪريم ميمڻ ۽ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اقبال حسين ملڪ کي هدايتون ڏنيون. اجلاس ۾ سمورن ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *