خيرپور روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين؛منظور وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپيلزپارٽي سنڌ جي سينئر نائب صدر منظور حسين وساڻ ۽ قانون واري صوبائي وزيرضياءَ الحسن لنجار پاران خيرپور بائي پاس ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزيرن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمين جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، زخمي ٿي ويلن جي صحت جي حوالي سان ڪابه ڪمي برداشت نه ڪبي، خيرپور روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين. هنن چيو ته حادثي ۾ فوتگين تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، هنن خيرپور ۽ ڪوٽڏجي جي پي پي پي عهديدارن کي زخمين جي ديک بحال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.هنن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سوگوار خاندانن سان تعذيت ۽ همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. هنن چيو ته قانون موجب حادثي سبب فوت ٿيلن ۽ زخمين جي وارثن جي مالي مدد ڪئي ويندي ۽ صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو ته فوت ٿي ويلن جي وارثن سان جلد تعزيت پڻ ڪندس

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *