خيرپور(ڊ ر) خيرپور جي ھندو پنچائت طرفان ڇٽي چوڪ کان پريس ڪلب خيرپور تائين ڪشميرين سان يڪجھتي لاءِ ريلي ڪڍي وءي ، ريليء جي اڳواڻي مکي ھري مل گهرمڪ داس شنڪر لعل ڀاونداس ڪاءونسلر منظور علي شيخ عبدالوھاب سومرو ۽ ٻيا ڪري رھيا هئا، ريلي پريس ڪلب پھچڻ تي جلسي جي صورت اختيار ڪري وءي جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ت مودي سرڪار ڪشميرين مٿان ظلم جي انتھا ڪري پنهنجي اصليت ظاهر ڪري رھيو آهي ، ھن ن چيو ت اقوم متحده جي ڪيل فيصلي جي ڀنڃڪڙي خلاف ڀارت کي روڪيو وڃي ، اسان پھرين پاڪستاني پوء ھندو آھيون ، ان موقعي تي پاڪستان زندا آباد جا نعرا پڻ هنيا ويا