خيرپور؛عيد ميلاد النبي صه ريلي تي هٿياربندن جو حملو،3 ڄڻا شهيد،11 زخمي، ايمرجنسي لاڳو

خيرپور(رپورٽ: شاهد نواز سيال) خيرپور ڀرسان عيد ميلاد النبي ريلي تي هٿياربند حملو 3 عاشقان رسول شهيد، 11 زخمي، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خميس ڏينهن صبح جو جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ هڪ استقباليه سالياني ريلي امير شاهه اسٽاپ کان حسين آباد اچي رهي هئي ته هڪ پابندي مڙيل تنظيم جي ڪارڪنن سيد پريل شاهه جي موجود گي ۾  هڪ پل تي ڌرڻو هڻي عاشقان رسول ريلي جو رستو روڪيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ لٺين ڏنڊن سان جھڙپون شروع ٿي ويون، ٿوري دير بعد هٿياربند ماڻهن خودڪار هٿيارن جا منهن کولي ريلي ۾ شامل ماڻهن مٿان شديد فائرنگ ڪري، عيد ميلاد نبي ۾ ريلي ۾ شامل عاشقان رسول عبدالطيف ٻرڙو، ذولفقار علي ٻرڙو، مشتاق علي ٻرڙو شهيد ڪري ڇڏيو،، ۽ 11 ڄڻان سخت زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ قربان علي ٻرڙو ، سليمان ٻرڙو ، نور احمد ٻرڙو ، غلام شبير ڌاريجو، ڪشمير، امتيازڪٽوهر، شهاب الدين ڌاريجو ۽ ٻيا شامل آهن  فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، ريلي مٿان اوچتو فائرنگ سبب ماڻهن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *