ڪراچي( هه آ) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تحريڪ انصاف 2013 کان 2018 تائين خيبرپختونخواهه ۾ جيڪي به ترقياتي ڪم ڪيا آهن خاص ڪري خيبرپختونخواهه ۾ ساڍا ٽي سو ڊيمن جي اڏاوت ۽ منصوبا پروپيئگنڊا کانسواءِ ڪجهه به ناهن. اطلاعات واري صلاحڪار اڄ پنهنجي آفيس ۾ صحافين جي وفد سان ملاقات ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت فخر سان اهو چئي سگهي ٿي ته اسان جا ڪيل ڪم اڄ دنيا جي سامهون آهن جن ۾ سنڌ جي مختلف ڊويزنن ۾ پاڻي جا ذخيرا محفوظ بڻائڻ لاءِ 60 ننڍا ڊيمز تعمير ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اهڙي طرح جا 23 وڌيڪ ننڍن ڊيمن جا منصوبا تعميري مرحلي ۾ آهن. هن چيو ته پاڻي جي قحط زده متاثرن علائقن خاص ڪري ٿرپارڪر، مٺي، دادو ۽ ڪوهستان جي ضلعن ۾ اهي ڊيمز اڄ به پاڻي جي ذخيرن کي محفوظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري صلاحڪار وڌيڪ چيو ته سنڌ جي 20 ملين ايڪڙ ايراضي پوکائي جي قابل آهي، جنهن جو 64 سيڪڙو ايراضي نهري نظام سان وابسته آهي. باقي 7.2 ملين ايڪڙ جي ايراضي سنڌ حڪومت برساتن جي پاڻي کي محفوظ ذخيري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جو 12.2 بلين جو تخمينو انهن ڊيمن ۽ ذخيرن جي تعمير جي لاءِ مختص هو جيڪو اسان جي زراعت ۽ ڪاشتڪاري جي لاءِ فائديمند هوندو. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سنڌ ۾ 122 ڊيمز هوندا. تعمير ڪيل ڊيمن ۾ لکي جو وانڍو، ملجي، سالاري، ڪوٽاري، ٿڌو ڊيم جهڙا ڪيترائي ڊيم تعمير ٿي چڪا آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته آئون تحريڪ انصاف جي پروپئگنڊا کي سرعام چئلينج ڪريان ٿو ته خيبرپختونخواهه ۾ تعمير ڪيل ڊيمن کي ميڊيا سامهون آڻي اسان کي گهڻي خوشي ٿيندي ۽ ميزبان طور اسان گذريل ڏهن سالن ۾ سنڌ ۾ تعمير ڪيل ڊيمن جو معائنو ڪرائينداسين.