اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار خيبرپختونخواهه جي اسپتالن جي خلاف حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته خيبرپختونخواهه ۾ ذهني بيمارين جي اسپتالن ۾ ماڻهو جانورن جيان رهن ٿا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ جانور ۽ ڪتا به ايئن ناهن رکندا ذريعن موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ٻڌني دوران خيبرپختونخواهه جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته پبلڪ اسپتالن جو سروي مڪمل ڪرايو ويو صوبي ۾ 63 سرڪاري اسپتالون آهن ۽ انهن مان روزانو 4 هزار ڪلوگرام گند ڪچرو نڪري ٿو چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت وٽ اهو گند اڇلائڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي جنهن تي صوبي جي صحت واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته اسان جي صلاحيت 3600 ڪلوگرام گندگي اڇلائڻ جي آهي 680 ڪلوگرام گندگي اڇلائڻ لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکي ڇڏيا آهن چيف جسٽس چيو ته ذهبي بيمارين جي اسپتال ۾ ماڻهو جانورن وانگر رهن ٿا اهڙي طرح ماڻهو پنهنجي جانور ۽ ڪتا به نٿا پالين اسپتال ۾ مدي خارج دوائون موجود آهن اوهان وڏي دعويِٰ ڪريون ٿا ته ڪي پي ڪي کي جنت بڻائي ڇڏيو آهي مان ته چوان ٿو ته هلو هلي اسپتال جي حالت ڏسون ٿا چيف جسٽس پاران ڪي پي ڪي جي صحت سان گڏوگڏ تعليم جي شعبي جي ڪارڪردگي تي به اطمينان نه ڪيو ويو هن ريمارڪس ڏنا ته ڪهڙي بنياد تي ڪي پي ڪي کي صحت ۽ تعليم ۾ جنت بنائڻ ڳالهه ڪريو ٿا مريضن کي دوائون نٿيون ملن چيف جسٽس چيو ته ذهني بيمارين جي اسپتالن جو ڪجهه ڏينهن ۾ دورو ڪندس چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان تحريڪ انصاف وارا ايترن سالن کان چئي رهيا هئا ته اسپتالن جي حالت ٺيڪ ڪري ڇڏي آهي 5 سالن کان ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي پنجن سالن کان اسپتالن ۾ گند ڪچرو اڇلائڻ جو نظام ٺيڪ ناهن ڪري سگهيا عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪي پي ڪي جي صحت جو وزير عدالت نٿو اچي سيڪريٽري صحت عدالت ۾ اچي ٿو خانگي اسپتالن جو گندڪچرو ڪيئن کڻڻو آهي اسپتالن جي گندگي مانا نفيڪشن ٿي وڃي ٿو صحت جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته خانگي اسپتالن جو ڪچرو 860 ڪلوگرام آهي خانگي اسپتالن وٽ 529 ڪلوگرام کڻڻ جو بندوبست آهي جون تائين گند ڪچرو اڇلائڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويندو جنهن کان پوءِ عدالت گندگي اڇلائڻ جي نظام بابت ماهوار بنيادن تي ڪم جي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن مهينن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.