اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ دعوائن جي ابتڙ اسپتالن جي حالت خراب آهي ۽ جيڪا حڪومت تعليم ۽ صحت نٿي ڏئي سگهي اُها رڳو نالي جي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي اسپتالن جي گند بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو ته اسپتالن جو گند ڪيترين ئي بيمارين جو سبب آهي، 17 هزار ٽن گند روزاني عوامي ماڳن تي اڇلايو ويندو آهي، ڇا گند ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ مشينري آهي؟. صحت وارو صوبائي سيڪريٽري عدالت جي آڏو پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته روزاني 21 هزار ڪلو کان وڌيڪ گند پيدا ٿيندو آهي، ڪي پي ڪي ۾ گند ٺڪاڻي لڳائڻ جو موثر نظار موجود آهي، عدالت ٻه مهينن جو وقت ڏئي گند ٺڪاڻي لڳائڻ واري مشينري به لڳائينداسين. چيف جسٽس چيو ته موثر نظام هئڻ جو حلفي ڏيو، ان بعد عدالت جاچ ڪرائيندي، گند ٺڪاڻي لڳائڻ جي مشين تندور ناهي جو هڪ ڏينهن ۾ ئي لڳي وڃي. سپريم ڪورٽ صحت واري صوبائي وزير کي اڱاري جي ڏينهن طلب ڪندي اسپتالن جو گند ٺڪاڻي لڳائڻ بابت وضاحت طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خيبرپختونخواهه ۾ صحت جي سهولتن جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي، پر چيف سيڪريٽري پاڻ قبوليو آهي ته اسپتالن جي حالت خراب آهي، ايمرجنسي ۾ بنيادي سهولتن جو فقدان آهي، رڳو اسپتالن جا بورڊ بڻائڻ ڪافي ناهي، صوبي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو به پورو ناهي، جيڪا حڪومت تعليم ۽ صحت فراهم نٿي ڪري سگهي اُها رڳو نالي جي آهي، صحت ۽ تعليم جي شعبي کي ڏسڻ عدالت جو ڪم ناهي، حڪومت جي نااهلي جي ڪري عدالت کي اسپتالن ۾ مداخلت ڪرڻي پئي، ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ سهولتن جو فقدان آهي. سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي سمورين سرڪاري اسپتالن جي بهتري لاءِ کنيل بندوبستن جي تفصيل طلب ڪندي موجود سهولتن جي تفصيل به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪئي وئي.