پشاور: (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي 5 خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن جي مقرري معطل ڪري ڇڏي.ڪي پي ڪي کان عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر خوش دل خان صوبي ۾ پنجن خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن جي مقرري پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي جنهن تي جسٽس اڪرام الله فيصلو ٻڌايو. عدالت پنجن خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. عدالتي حڪم تي معطل ٿيلن ۾ اجمل وزير، ضياءَ بنگش، عبدالڪريم، حيات الله ۽ ڪامران بنگش شامل آهن.ٻئي طرف عدالتي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو ته فيصلي جو ميڊيا ذريعي پتو پيو جنهن تي غور ڪري رهيا آهيون، عدالت طرفان پهريون ڪو به نوٽيس جاري نه ٿيو آهي، نوٽيس اڄ جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ميڊيا ذريعي خبر پئي ته خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن جي مقرري کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، آئين ۾ پنج کان وڌيڪ صلاحڪار رکڻ جي اجازت آهي، اڃان ٽي صلاحڪار ۽ خاص مددگار آهن، ڏسي رهيا آهيون ته عدالت ڪهڙي بنياد تي کين معطل ڪيو آهي.شوڪت يوسفزئي چيو ته هي عدالت جو وڏو فيصلو آهي، ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به اها پريڪٽس رهي آهي ته حڪومت هلائڻ جي لاءِ مددگارن ۽ خصوصي صلاحڪارن جي ضرورت هوندي آهي. عدالتي فيصلي تي تفصيلي غور ڪري جواب ڏينداسين ۽ ان حوالي سان ايڊووڪيٽ جنرل سان به ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.