خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ وارو بل منظور

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ فاٽا کي صوبي ۾ ضم ڪرڻ وارو بل ڪثرت راءِ سان منظور ڪيو ويو. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو خاص اجلاس ٿيو جنهن وفاقي وزير قبائلي انتظامن کي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ضم ڪرڻ جي آئيني ترميم منظور ڪئي. قانون واري صوبائي وزير امتياز شاهد قريشي فاٽا سڌارا بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي وڏو وزير پرويز خٽڪ به موجود هو. بل جي حق ۾ 85 ۽ مخالفت ۾ 6 ووٽ وڌا ويا. اسيمبلي جا ميمبر بل جي منظوري جي حق ۾ بيٺا رهيا ۽ رڳو جي يو آءِ جا ميمبر ويٺل رهيا جن مخالفت ۾ ووٽ وڌا. اسيمبلي ۾ مالاڪنڊ جي ايم پي ايز پاٽا جي حيثيت ختم ڪرڻ وارو مسئلو به اٿاريو. اسيمبلي ميمبر عنايت الله چيو ته اسان کان پاٽا جي حيثيت ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي وئي. اسيمبلي ۾ پاٽا کي 10 سالن تائين ٽيڪسن کان ڇوٽ ڏيڻ وارو ٺهراءُ به منطور ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي ميمبر ڊاڪٽر حيدر علي ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن ۾ مالاڪنڊ ۾ لاڳو شرعي نظام عدم کي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پاٽا کي به 100 ارب رپين جو ساليانو پيڪيج ڏنو وڃي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته فاٽا جي انضمام جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، پر حڪومت پاٽا کي صوبي ۾ ضم ڪرڻ تي عوام سان ڳالهيون ناهن ڪيون، حڪومت پاٽا عوام کي خاص مراعتون ڏيندي  مالا ڪنڊ کي ٽيڪسن ۾ ڏهه سالن جي لاءِ ڇوٽ ڏني وڃي، هڪ کرب پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو ۽ بجلي ۾ سبسڊي ڏني وڃي.  اي اين پي جي سردار بابڪ چيو ته مالاڪنڊ جي حيثيت کي نه ڇيڙيو وڃي، خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي ته مالاڪنڊ جو عوام فاٽا سڌارن جي منظوري ۾ سڀ کان اڳتي هوندو. هن چيو ته نگران وزير اعليٰ جو نالو آيو ته وڏا وڏا قصا اچي رهيا آهن، سياست ۾ هاڻ پيسو اچي ويو آهي، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته مخالف ڌر سمورين مخالف پارٽين کان مشورو ڪري ها، اسان کي به اها خبر ملي ته وزير اعليٰ ۽ مخالف ڌر پيسا ورتا آهن، نگران وزير اعليٰ کان پيسا وٺڻ واري ڳالهه تي ايوان ۾ سخت هُل هنگامو ٿيو.  وڏي وزير پرويز خٽڪ الزامن جو جواب ڏيندي چيو ته نگران وزير اعليٰ کان پيسا وٺڻ وارو الزام ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. سينيٽ وارو معاملو آيو ته سڀ سامهون اچن ڇو ته ثبوت آهن، ڪا به شئي لڪيل ناهي آئون ڄاڻان ٿو اُهي ڪير ڪير آهن، بل ۾ پاٽا واري ڳالهه نه هئي ۽ اوچتو اهو سامهون آيو، پاٽا واري معاميل تي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ مولانا لطف الرحمان چيو ته مون سمورين پارليماني پارٽين سان رابطو ڪيو ۽ نالا گهريا، افسوس ٿيو سردار بابڪ ٻڌل ڳالهين تي الزام هنيو، فاٽا ۾ 15 کان 16 سالن کان آپريشن هلي رهيو آهي، قبائلي ڏکين دورن مان گذريا آهن، فاٽا انضمام جي قانون سازي جي لاءِ ٻاهران دٻاءُ وڌو پيو وڃي، قبائلي عوما تي فيصلو زبردستي نه مڙهيو وڃي. پي ٽي آءِ جي صوبائي وزير شاهه فرمان چيو ته ايوان ۾ اُها ڳالهه ڪئي ويندي آهي جيڪا حقيقت تي ٻڌل هجي، ڪنهن جي چوڻ تي توهان الزام ڪيئن ٿا لڳائي سگهو. شاهه فرمان به ڄاڻايل بل ۾ پاٽا کي شامل ڪرڻ تي اعتراض واريندي چيو ته بل قبائلين جي لاءِ هو جيئن فاٽا جا ميمبر فاٽا جي لاءِ قانونسازي ڪري سگهن پر پاٽا کي گڏ شامل ڪرڻ گهري سازش ۽ بل کي روڪڻ جي ڪوشش آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *