خيالي پگهار تي نااهل ڪيو ويو، صادق ۽ امين جا ڪرتوت دنيا ڏسي رهي آهي: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مون کي خيالي پگهار تي نااهل قرار ڏنو ويو، صادق ۽ امين قرار ڏنل شخص جي ڪرتوت دنيا ڏسي رهي آهي، ڪو خدا جو خوف هوندو آهي. اسلام آباد ۾ وڪيلن سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته قوم کي گهٽ ۾ گهٽ خبر پوڻ گهرجي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي، ڪو به پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته سلام آهي اهڙن ججن کي جن هڪ شخص کي صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته 100 رپين جي ڪرپشن به ثابت ٿي ته ڪنڌ نه کڻي سگهان ٿا، جهانگير ترين خلاف ڪابه جي آءِ ٽي نه ٺهي وئي آهي. نواز شريف چيو ته منهنجي شڪل پسند نه هئي ته مون کي پهريون ئي ٻڌايو وڃي ها، عمران خان واري ڪيس ۾ چيو ويو ته پنجن سال پوئتي نه وڃڻو آهي. هن چيو ته عمران خان نيازي سروس ۽ لکين رپين جي ٽرانزيڪشن قبول ڪئي پر ججن چيو ته نه اهي اثاثا هن جا نه آهن. سندس چوڻ هو ته سزا کانپوءِ ڳوليو پيو وڃي ته ڪيس ڪهڙو هلي رهيو آهي. نواز شريف چيو ته پارٽي صدر بڻائڻ بابت بل سينيٽ جي منظوري مان مخالف پريشان ٿي ويا، راجا ظفر الحق جو بل پاس ڪرائڻ تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته نواز شريف کي پارٽي صدر نه رهڻ ڏنو وڃي، قانونسازي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته سڀ ڪجهه منهنجي خلاف ٿي رهيو آهي پر مان ڪنهن کان ڊڄڻ يا گهٻرائڻ وارو نه آهيان.  نواز شريف چيو ته پرويز مشرف منهنجي 27 سال قيد واري سزا کي موت ۾ تبديل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *