ڪراچي (بيورو رپورٽ ) وڏي وزير مراد شاهه ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبي ۾ تعمير ٿيل سموريون نيون سپتالون فوري فعال ڪرڻ جي هدايت ڪري. چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته خلاي فليٽس ۾ آئسوليشن وارڊز ۽ نارمل وارڊز قائم ڪيا وڃن. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، دوران صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ اُن کي روڪڻ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير چيف سيڪريٽري صوبي ۾ تعمير ٿيل سموريون نيون اسپتالون هڪ مهيني اندر فنڪشنڪل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اُن کانسواءِ ڪوٽڙي، نوري آباد ۽ حيدرآباد ۾ سکر جي ليبر ڪالونيءَ جهڙو قرنطينه سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هديت ڪئي آهي ته اُنهن سمورن خالي فليٽس ۾ آئسوليشن وارڊز، نارمل وارڊز ۽ زائرين کي ترسائڻ لاءِ سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته خوشي آهي ته سموري عوام سهڪار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. سنڌ فوڊ اٿارٽي ڪورونا وائرس بچڻ لاءِ کائڻ پيئڻ جي حوالي سان احتياطي اپاءَ ۽ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي سائنٽفڪ پينل پاران جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا هوٽل مالڪ، ريسٽورينٽس مالڪ، ملازم ۽ دڪاندار فيس ماسڪ پائين، اُن کانسواءِ وائرس کان بچڻ لاءِ صابڻ ۽ سينيٽائيزر لازمي استعمال ڪن. هدايتنامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ملازم نزلو، زڪام. کنگهه، ٽائفائيڊ، هيپاٽائٽس وغيره جو شڪار ملازم فوڊ سپروائزر کي اطلاع ڏين، جڏهن ته داخلي دروازن، خوراڪ سان لاڳاپيل ڪائونٽرز ۽ کاڌي جي استعمال ٿيندڙ بورڊز کي هر صورت ۾ جراثيم کان پاڪ ڪيو وڃي، سمورا ملازم جسام سينٽي گريڊ چيڪ ڪرائيندا رهن ۽ ان کي رڪارڊ ۾ رکيو وڃي. بخار، کنگهه ۽ ٻيون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ فوري سنڌ سرڪار سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ڳوٺڻ جي سطح تائين صابڻ پهچائڻ ۽ ڊي سيز ذريعي عوامي آگاهي مهم هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ اُن کي روڪڻ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سمورين يونين ڪائونسلرز کي فنڊز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ صابڻ خريد ڪري يوسيز ۽ ڳوٺن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صابڻ ڪمپنيز سان رابطا ڪري سبسڊي تي 10 لک صابڻ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير هديت ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ احتياطي اپائن جي حوالي سان ڊي سيز عوام کي آگاهه ڪن ۽ مهم هلائين. اجلاس ۾ ڳوٺن تائين صابڻ ورهائڻ واري فيصلي جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته يوسي چيئرمين جي مدد سان صابڻ غام ڳوٺاڻن تائين پهچايا ويندا.