اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان معاشي سڌارن کي نظر ۾ رکندي چيو آهي ته خوشي آهي ته عوام ٽيڪس ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.ڪلين اينڊ گرين پاڪستان انڊيڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته عوام جي ٽيڪس جي ڪري قومي ناڻي جو حجم وڌي رهيو آهي جنهن کي مختلف ترقياتي منصوبن هوائي ۽ ماحولياتي گدلاڻ سميت بچاءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.وزير اعظم عمران خان چيو ته ماڻهن ٽيڪس ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت جا مالي مسئلا وڌي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته مالي وسيلن ۾ واڌ سان گڏ ئي درياهن جي صفا ئي جو عمل شروع ٿيندو ۽ سازگار ماحول جي لاءِ ڪم ڪيو ويندو.ان کان سواءِ هن ملڪ جي ٻين شهرن خاص ڪري لاهور ۾ وڌندڙ هوائي گدلاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو.وزير اعظم عمران خان چيو ته 35 سال اڳ لاهور ۾ آب و هوا ۽ پاڻي صاف هو پر اڄ ثقافتي شهر ۾ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته جڏهن قومون پنهنجي ايندڙ نسلن جو ناهن سوچينديون ته انهن جي نصيب ۾ بربادي هوندي آهي.هن چيو ته لاهور جي اڏاوتي ترقي جي لاءِ ماحول دشمن قدم جي تحت 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا ۽ اُتي ڪنڪريٽ جا ڍانچا تيار ڪيا ويا.