خورشيد شاهه پاران عائشا گلالئي جي الزامن جي جاچ جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه پي ٽي آءِ کي ڇڏيندڙ عائشا گلالئي جي الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عورت ڪڏهن پنهنجي مٿان الزام نه لڳائيندي آهي، معاملو افسوس جوڳو ۽ ڏوهه جوڳو آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عج نبي شخص نواز شريف جي تصوير پارليامينٽ ۾ رکڻ جو نوٽيس نه وٺي اسپيڪر جانبداري جو مظاهرو ڪيو، اربع تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته عج نبي شخص نواز شريف جي تصوير پارليامينٽ ۾ رکڻ جو نوٽيس نه وٺي اسپيڪر جانبداري جو مظاهرو ڪيو آهي، اسپيڪر کي سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، اهڙن روين سان بادشاهت نظر اچي ٿي ڇو ته نواز شريف هاڻ قومي اسيمبلي جو ميمبر نه رهيو آهي، هن چيو ته پ پ جي حڪومت اسان تصوير ڪڏهن گڏ نه آندي، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي تصوير قومي اسيمبلي ۾ نه آندي، اهڙي عمل سان جمهوري عمل کي نقصان ٿيندو آهي، هن چيو ته اوگرا جي تجويز تي اگهن ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ افسوس جي ڳالهه آهي، اگهه برقرار نه آهن، ٽيڪسز ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽيڪس وڌائڻ سان 8 ارب ماهوار خزاني ۾ ايندا، حڪومت امير ۽ غريب سڀني کي گڏ ڦري رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *